اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چئن اڳوڻن ٽيسٽ ڪرڪيٽرن مشتاق محمد، انضمام الحق، سعيد انور ۽ مصباح الحق کي هال آف فيم 2024ع ۾ شامل ڪري ورتو آهي. اهڙيءَ طرح پي سي بي هال آف فيم ۾ شامل ڪرڪيٽرز جو انگ 14 ٿي ويو آهي. عالمي سطح تي پاڪستان ڪرڪيٽ جي نمائندگي ڪندڙ انهن چئن ڪرڪيٽرن پنهنجا تاثر بيان ڪندي چيو ته هو ان ڳالهه تي فخر ۽ خوشي محسوس ڪن ٿا ته کين ملڪ جي خدمت جو موقعو مليو. انهن ڪرڪيٽرن اميد ظاهر ڪئي ته پي سي بي جي ان قدم سان موجوده ۽ ايندڙ ڪرڪيٽرز جي همٿ افزائي ٿيندي ۽ هو به ملڪ لاءِ پنهنجي بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا. پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چئن ڪرڪيٽ ليجنڊز کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پي سي بي هال آف فيم ۾ سندن شموليت انهن جي شاندار خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ آهي. هن چيو ته مشتاق محمد کي پاڪستان جي بهترين ڪپتانن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جيڪو پنهنجي هوشيار قيادت ۽ متاثر ڪندڙ انداز لاءِ شهرت رکي ٿو. محسن نقوي چيو ته اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق جي بي پناهه ٽيلنٽ ۽ ميچ کٽڻ جي صلاحيت اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن. مصباح الحق مشڪل وقت ۾ پاڪستاني ٽيم جي اڳواڻي سنڀالي. ٽيسٽ رينڪنگ جو عروج ۽ ڪيريبين ۾ تاريخي ٽيسٽ سيريز کٽڻ سندس ڪيريئر جو اهم حصو آهي، جڏهن ته سعيد انور پنهنجي فطري وقار ۽ ڪلاسيڪل ٽيڪنڪ سان اوپنر جي ڪردار جي نئين تعريف پيش ڪئي ۽ سمورين حالتن ۾ دنيا جي بهترين بالرز خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته هي چار وڏا رانديگر پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي تاريخ ۾ خاص اهميت رکن ٿا. انهن جو تعاون نه صرف پاڪستان اندر راند کي مٿانهون ڪيو پر مستقبل جي جنريشن کي به بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ جي ترغيب ڏني. انهن جي قابليت، ڪشش ۽ پُختي عزم کين ڪرڪيٽ جو حقيقي سفير بڻايو.