راولپنڊي-09 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 2025ع ۾ ٿيندڙ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽس جي مڪمل شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، 3 فرسٽ ڪلاس ٽورنامينٽس سميت پريذيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون، پاڪستان جي بمپر ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ڪلينڊر جا اهم ٽورنامنٽس هوندا. پي سي بي موجب ريڊ بال کانسواءِ وائيٽ بال جي ٽورنامينٽس تي به ڌيان ڏنو ويندو جنهن ۾ هڪ 50 اوورز جو لسٽ اي ايونٽ، 3 ٽي 20 ۽ هڪ نان فرسٽ ڪلاس ٽن ڏينهن واري ٽورنامينٽ شامل آهي، ايج گروپ ٽورنامينٽس ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون ويون آهن جن ۾ انڊر 15، انڊر 17 ون ڊي ڪپ ۽ انڊر 19 ٽي ڏينهن واري ٽرافي شامل آهي. 2025ع ۾ 21 ڊوميسٽڪ، ايج گروپ ۽ پاٿ ويز ٽورنامينٽس منعقد ٿينديون، ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 131 فرسٽ ڪلاس، 37 پنجاهه اوورز جي لسٽ اي ۽ 119 ٽي 20 ميچز شامل آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪلب، ايج گروپ، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا 10 هزار کان وڌيڪ ميچز ٿيندا جن مان نئون ٽئلينٽ سامهون ايندو، 18 ٽيمن تي ٻڌل قومي ٽي 20 ڪپ مارچ ۾ ٿيندو ۽ هي سڄي پاڪستان جي 16 علائقن جي رانديگرن کي مختصر ترين فارميٽ ۾ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو موقعو فراهم ڪندو. پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ٽو، نان فرسٽ ڪلاس ٽن ڏينهن واري ڊپارٽمينٽل ٽورنامينٽ اپريل ۽ مئي ۾ کيڏي ويندي، پاڪستان سپر ليگ جو 10 هون ايڊيشن اپريل ۽ مئي ۾ ٿيندو جنهن کانپوءِ سينئر مينز جا ڊوميسٽڪ ايونٽس ٽن مهينن لاءِ رڪجي ويندا. انهي مدي دوران پي سي بي 16 ريجنز ۾ تربيت، فٽنيس ۽ ڪنڊيشننگ ڪيمپ منعقد ڪندو ته جيئن رانديگرن کي ايندڙ ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽس لاءِ تيار ڪري سگهجي. ٻه وڏا فرسٽ ڪلاس ٽورنامينٽس جن ۾ قائداعظم ٽرافي ۽ چيمپئنز ڪپ شامل آهي، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ کيڏيا ويندا، هي ايونٽس رانديگرن کي ريڊ بال ميچن ۾ پرفارم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪندا. 50 اوورز جو لسٽ اي ٽورنامينٽ پريزيڊنٽ ڪپ گريڊ ون نومبر ۽ ڊسمبر جي ونڊو لاءِ رکيو ويو آهي جنهن کانپوءِ چيمپئنز ٽي 20 ڪپ جو ٻيو ايڊيشن ٿيندو. چيمپئنز ڪپ ون ڊي ٽورنامينٽ جنوري 2026ع ۾ کيڏيو ويندو، ايج گروپ ۽ پاٿ ويز تي پي سي بي انڊر 13 ۽ انڊر 16 ڪيٽيگريز جو جائزو وٺڻ بعد کين انڊر 15 ۽ انڊر 17 جي طور تي ٻيهر شروع ڪيو آهي ته جيئن قومي ٽورنامينٽس ۾ نوجوانن جي وڌ کان وڌ شرڪت کي يقيني بڻائي وڃي. ان فيصلي جو مقصد ٽئلينٽ جي اڳتي آڻڻ ۽ نوجوانن کي ان بابت عمر جي گروپن ۾ وڌڻ ۽ اڀرڻ لاءِ وقت فراهم ڪرڻ آهي، قومي انڊر 19 ڪپ 18 علائقائي ٽيمن وچ ۾ سيپٽمبر ۾ کيڏيو ويندو ڇاڪاڻ ته انٽر ڊسٽرڪٽ انڊر 19 جا بهترين رانديگر علائقائي اڪيڊمين ۾ ترقي ڪندا ۽ پوءِ هن ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندا، ڪپ، ضلعي ۽ علائقائي سطح تي ڪم ڪرڻ بعد بهترين انڊر 19 مينز ڪرڪيٽرز کي پنج مينٽورز جي رهنمائي ۾ افتتاحي پنج ٽيمن جي چيمپئنز انڊر 19 ڪپ ۽ ٽرافي لاءِ جمع ڪيو ويندو ۽ اهي ٻئي ٽورنامينٽس آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ٿيندا. ڊسٽرڪٽ انڊر 19 ۽ سينئر ايونٽس سان گڏوگڏ انٽر اسڪولز، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز ٽورنامينٽس به منعقد ڪيا ويندا.