اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم 19 سالن کانپوءِ ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي. پي سي بي مطابق آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي سلسلي ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاڪستان خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽيسٽ 17 کان 21 جنوري تائين ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ان ئي هنڌ ٻي ٽيسٽ 25 جنوري کان شروع ٿيندي، ٽيسٽ سيريز کان اڳ مهمان ٽيم پاڪستان شاهينز خلاف 10 کان 12 جنوري تائين اسلام آباد ڪلب ۾ ٽن ڏينهن واري پريڪٽس ميچ کيڏندي.