ڪراچي – 06 جنوري(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اديب ۽ دانشور پروفيسر بيدار جعفري جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان مطابق سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پروفيسر ديدار علي ”بيدار جعفري“ نفيس ۽ بهترين شخصيت جو مالڪ هو، سندس علم ۽ ادب ۾ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي درجن جي بلند ۽ وارثن کي صبر عطا ڪري.