ڪراچي-25 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش واري ڏڻ جي موقعي تي قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي. گورنر، ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي. گورنر، قائداعظم محمد علي جناح جي فڪر ۽ نظريي تي عمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي گورنر مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات پڻ قلمبند ڪيا. سنڌ جي گورنر قوم کي قائداعظم جي جنم ڏڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ترقي اصولن تي عمل ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي. مزار قائد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر چيو ته هو قائداعظم جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ مزار قائد تي پهتو آهي. هن چيو ته ملڪ هن وقت ڏکين حالتن مان گزري رهيو آهي، پر قوم مايوس نه ٿئي پاڪستان ضرور ترقي ڪندو. هن اسٽاڪ ايڪسچينج جي مسلسل ترقي ۽ ايران، ترڪيه ۽ ٻين ملڪن جي تعاون کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته ٻاهريون قوتون اسان جي معاشي ترقي ۾ رڪاوٽون وجهڻ چاهين ٿيون پر اسان جي مضبوط پاڪ فوج سرحدن جي حفاظت سان گڏ معاشي استحڪام لاءِ به سرگرم آهي. وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي قيادت ۾ ايس آءِ ايف سي جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، جيڪو ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته پارا چنار جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ مسئلن کي مشاورت سان حل ڪيو ويندو. آخر ۾ گورنر قوم کي يقين ڏياريو ته گڏجي قائداعظم جي مشن کي اڳتي وڌائينداسين ۽ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائينداسين.