جميڪا-24 ڊسمبر (اي پي پي ) ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز ( سي ڊبليو آئي ) ايندڙ سال شيڊول ٿيل پاڪستان جي دوري لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. ويسٽ انڊيز جي قومي ٽيم ايندڙ سال جنوري ۾ پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف هڪ وارم اپ ۽ ٽيسٽ ميچز جي سيريز کيڏندي. شيڊول ۾ شامل ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز جي شروعات 16 جنوري2025 کان شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ سان ٿيندي. ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز جي پڌرائي موجب پاڪستان جي دوري لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جي قيادت ڪريگ براٿويٽ کي ڏني وئي آهي جڏهن ته جوشواڊي سلواڪو نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. ويسٽ انڊيز ۽ پاڪستان وچ ۾ سيريز ۾ ٻه ٽيسٽ ميچ کيڏيون وينديون جنهن مان هڪ ڪراچي ۽ ٻي ملتان ۾ شيڊول آهي. سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 24 کان شروع ٿيندي .اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ ڪريگ ٿويٽ (ڪپتان) جوشواڊا سلوا (نائب ڪپتان) ايلڪ ايٿاناز ، ڪيسي ڪارٽي، جسٽن گريويز، ڪيويم هوج، ٽيون املاچ، عامر جنگو، ميڪائل لوئس،گڊاڪيش موتي، اينڊرسن فلپ، ڪيمار روچ، ڪيون سنڪليئر، جيڊن سيلز ۽ جومل واريڪن شامل آهن.