ڪراچي-20 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ جو مسلسل مسئلو ڳڻتي جوڳي حد تائين پھچي چُڪو آھي، گئس جي لوڊشيڊنگ سان عوام کي سخت مشڪلاتن جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي، جڏھن ته روزمرھ جي زندگي ۽ صنعتي سرگرميون متاثر ٿي رھيون آھن. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جي معاشي حب ڪراچي سميت سڄو سنڌ صوبو گئس جي لوڊشيڊنگ برداشت نٿو ڪري سگھي، گئس جي مسلسل فراھمي ۾ گھٽتائي عوام ۾ وڏي پيماني تي بي چيني ۽ مايوسي پيدا ڪري ڇڏي آھي. ھن چيو ته وفاقي حڪومت مسئلي کي منھن ڏيڻ لاءِ فوري ۽ ٺوس قدم کڻي، سردين جي مھينن ۾ وفاقي حڪومت گئس جي بنا ڪنھن رڪاوٽ جي فراھمي يقيني بڻائي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وفاقي حڪومت جي ذميواري آھي ته قدرتي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي، وزير اعظم ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪجي ٿو ته اھي ھن معاملي کي اوليت ڏين.