حيدرآباد- 18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي اڳوڻي نگران وزيراعظم سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اچي محسوس ٿيو آهي ته آئُون اصل پاڪستان ۾ آيو آهيان. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فئڪلٽي آف فارميسي جي آڊيٽوريم ۾ “اسان جا نوجوان: قومي وحدت جا ٿنڀا” جي سري هيٺ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي سينيٽر ڪاڪڙ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ساراهه ڪندي چيو ته هتي اچي کيس محسوس ٿيو ته هو اصل پاڪستان ۾ آيو آهي. هن چيو ته هن ڪيمبرج يونيورسٽي ۽ آڪسفورڊ يونين سميت ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ خطاب ڪيو پر سنڌ يونيورسٽيءَ جو تجربو منفرد آهي، جيڪو سچ پچ متاثر ڪندڙ آهي. هن قيادت کان وٺي سماجي سڌارن ۽ مصنوعي ذهانت کان وٺي ثقافتي ورثي جي اهميت تائين ڪيترائي موضوع بحث هيٺ آندا. هن نوجوانن کي وڏا خواب ڏسڻ ۽ پنهنجو پاڻ تي يقين رکڻ جي ترغيب ڏني. شاگردن کي وڏا خواب ڏسڻ جي همت ڏيندي سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته الله انسانن جو اصل ساٿي آهي. جيڪو به وڏا خواب ڏسندو، رب پاڻ انهن کي حقيقت ۾ بدلائيندو. هن چيو ته پاڪستان صرف قدرتي وسيلن جهڙوڪ فصلن ۽ معدنيات سان مالا مال نه آهي، پر ان جو سڀ کان وڏو وسيلو انسان آهن. اسان مان هرڪو خاص ۽ چونڊيل آهي، جنهن کي وڏي صلاحيت عطا ڪئي ويئي آهي. مصنوعي ذهانت جي چئلينجن بابت ڳالهائيندي هن ان کي هڪ “خطري واري دنيا” قرار ڏنو، جنهن کي فوري طور سمجهڻ ۽ اپنائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان اي آءِ جي اثرن کان نه بچي سگهنداسين، تنهن ڪري اسان کي هٿرادو ذهانت جي صلاحيتن کي ذميواري سان اپنائڻ گهرجي. هن چيو ته هٿرادو ذهانت مستقبل آهي ۽ اسان جي نوجوانن لاءِ ضروري آهي ته اهي هن ٽيڪنالاجي جي تبديليءَ سان هم آهنگ ٿين. صنفي برابريءَ تي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اصل تبديلي تڏهن ايندي، جڏهن مرد ۽ عورتون روايتي سوچ تي ٻيهر غور ڪندا. هن چيو ته مشڪل پر ٺهڪندڙ حل هميشه اڳيئي تيار ٿيل حل کان بهتر هوندو آهي، اسان کي هڪ متوازن سماج قائم ڪرڻ لاءِ ٻنهي جنسن جي ڪردار کي مؤثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن سماجي هم آهنگي لاءِ هٿيارن کان نجات حاصل ڪرڻ جي اهميت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته اسان کي سماج مان هٿيار ختم ڪرڻا پوندا ۽ ڳالهين ۽ گڏيل رهائش کي فروغ ڏيڻو پوندو. امن جي استحڪام لاءِ قانون جي حڪمراني ئي واحد حل آهي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ کي باضابطه طور ڀليڪار ڪندي شاگردن جي ڪاميابيءَ لاءِ اداري جي عزم کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي 1947ع ۾ قائم ڪئي ويئي، جيڪا هاڻي 58 شعبن ۽ 9 فئڪلٽين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 44000 کان وڌيڪ شاگرد زير تعليم آهن. اسان اسڪالرشپس، هاسٽل ۽ ٽرانسپورٽ سهولتن سميت معياري تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. سيمينار جي پڄاڻي هڪ دلچسپ سوال جواب واري سيشن سان ٿي، جتي سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ شاگردن ۽ استادن جي مختلف سوالن جا جواب ڏنا. سندس صاف ۽ چٽن جوابن ٻُڌندڙن کي وڌيڪ متاثر ڪيو ۽ کين بهتر پاڪستان لاءِ پنهنجو حصو ڏيڻ لاءِ همٿايو. آخر ۾ مهمان کي شيلڊ، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا روايتي تحفا پيش ڪيا ويا.