جوهانسبرگ – 12 ڊسمبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ۽ انگلينڊ جي وومينز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ واحد ٽيسٽ ميچ 15 کان 18 ڊسمبر تائين مانگاونگ اوول، بلوم فونٽين ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ انگلينڊ جي وومينز ٽيم ميزبان ڏکڻ آفريقا جي وومينز ٽيم کي 3 ٽي 20 بين الاقوامي ميچن جي سيريز ۾ 3-0 تان وائٽ واش ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ انگلينڊ جي وومينز ٽيم ڏکڻ آفريقا وومينز کي 2-1 تان شڪست ڏني هئي. ڏکڻ آفريقا جي وومينز ٽيم کي لورارڊٽ ليڊ ڪندي جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم کي هيٿرناٽ ليڊ ڪندي.