رياض – 12 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان فيفا ورلڊڪپ 2034ع جي باقاعده ميزباني ملڻ تي خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز کي مبارڪون پيش ڪيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب کي فيفا ورلڊڪپ 2034ع ع جي ميزباني جو تاريخي اعلان ڪيو ويو. ورلڊڪپ جي ميزباني لاءِ عرب ملڪن ۾ سعودي عرب پهريون ملڪ آهي جنهن کي مختلف وڏن کنڊن مان 48 ٽيمن جي ايونٽ جي ميزباني ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. سعودي عرب طرفان 29 جولاءِ 2023ع تي باقاعده طورتي فيفا 2034ع جي ميزباني لاءِ فائل جمع ڪرائي هئي. نامزدگي فائل ۾ فيفا فينز فيسٽول لاءِ ٿيندڙ سرگرمين جي حوالي سان 10 هنڌ مقرر ڪيا ويا هئا جن ۾ شاهه سلمان پارڪ جيڪو هڪ لک چورس ميٽرتي ٻڌل آهي ان کان علاوه جده ڪورنيش جو علائقو شامل هو.