ڪراچي-05 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ پروفيسر حشمت لوڌي يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۽ صوبي جي خوشحالي نوجوانن جي ڪاميابي سان ڳنڍيل آهي، اسان گڏجي هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته سنڌ ٺاهي سگهون ٿا.

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پروفيسر لوڌي جو ڪم ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي ۽ هي يوٿ ڊيولپمينٽ سينٽر سندس ويزن ۽ قدرن جو ثبوت آهي. وڏي وزير چيو ته اهي قدم ٽيم ورڪ، نظم و ضبط ۽ شاگردن کي نصاب کان وڌيڪ سکڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿا. مراد علي شاهه تعليم ۽ نوجوانن جي ترقي لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو جڏهن ته شاگردن تي زور ڀريو ته هو نئين سينٽر کي ذاتي ۽ پيشيوراڻي ترقي لاءِ استعمال ڪن. وڏي وزير چيو ته ملڪ ۽ صوبي جي خوشحالي اوهان جي ڪاميابي سان ڳنڍيل آهي، اسان گڏجي هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته سنڌ ٺاهي سگهون ٿا. وڏي وزير باني قائداعظم محمد علي جناح ۽ ٻين قومي هيروز جي شاندار تاريخ کي ساراهيو. هن عظيم سوچ رکندڙ اڳواڻ، آزادي پسند عالم پيدا ڪرڻ تي يونيورسٽيءَ جي 140 سالن جي تعليمي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وڏي وزير مرحوم پروفيسر حشمت لوڌي کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس تعليمي خدمتن، تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ سندس ڪردار، دانشور، رانديگر ۽ ميڊيا جي شخصيت جي حيثيت سان سندس ڪاميابين تي روشني وڌي. هِن غير نصابي سرگرمين جي اهميت کي پڻ اجاڳر ڪيو ۽ بحث مباحثن، آرٽس، سماجي خدمتن، ادب، سائنس، راندين ۽ ڪردار سازي لاءِ شاگردن جي ڪردار تي زور ڀريو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي بي مثال ترقي تي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي جي واکاڻ ڪئي ۽ گذريل ٽن سالن ۾ شاگردن جي داخلائن ۾ 200 سيڪڙو واڌ، جديد ڪمپيوٽر ۽ اي آءِ ليب جي قيام، علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري جي قيام ۽ 11 عالمي ڪانفرنسن جي ميزباني تي کيس ساراهيو. افتتاحي تقريب ۾ ايڇ اي سي جي چيئرمين پروفيسر طارق رفيع، وائيس چانسلر اين اي ڊي يونيورسٽي ڊاڪٽر سروش لوڌي، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي، سيڪريٽري يو اينڊ بي عباس بلوچ، سيڪريٽري ايڇ اي سي معين خان، حاجي حنيف طيب ۽ ٻين شرڪت ڪئي.