ڪراچي-05 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ ۽ عوام کي گمراھ ڪرڻ جماعت اسلامي جي تاريخ رھي آھي، بي بنياد الزامن جو مقصد اجتماعي ترقي لاءِ سنڌ سرڪار جي ڪوششن جي راھ ۾ رنڊڪون وجھڻ آھي. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير جي بيان تي ردعمل جو اظھار ڪندي سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تعليمي ادارن، خاص طور تي يونيورسٽين ۾ فين جو تعين بنيادي ڍانچي، سھولتن ۽ آپريشنل خرچن جي بنياد تي ڪيو ويندو آھي، سنڌ سرڪار، تعليم کي سستو ۽ برابر بڻائڻ لاءِ سڌارن تي ڪم ڪري رھي آھي. ھن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ سسٽم جو زوال ورثي ۾ مليل مسئلو آھي سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ جي نظام جي بحالي ۽ اُن کي جديد بڻائڻ لاءِ يونيورسٽي انتظاميا ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪري رھي آھي. ريڊ لائن بي آر ٽي جي حوالي سان سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي ھڪ تاريخي منصوبو آھي، جنھن جو مقصد پبلڪ ٽرانسپورٽ جي پريشانين جو خاتمو آھي، ميگا پروجيڪٽس ۾ دير اڪثر ڪري فني مسئلن سميت ٻين اڻٽر مسئلن جي ڪري ٿيندي آھي.ھن وڌيڪ چيو ته نگران حڪومتي دور ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي تي ڪم رڪجي وڃڻ ۽ ڪراچي ۾ يوٽيلٽيز جي ڪري به بي آر ٽي پروجيڪٽ ۾ دير ٿي رھي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن منصوبي جي وڌندڙ لاڳت جو وڏو ڪارڻ عالمي ناڻي واڌ، وڌندڙ مادي لاڳت ۽ رُپئي جي قدر ۾ گھٽتائي آھي.