اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پرتشدد انتهاپسندي جي روڪٿام جي قومي پاليسي 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته ڪابينا لاڳاپيل وزارت ۽ عدالتي حڪمن جي روشني ۾ خصوصي عدالتن جي حدن/دائره ڪار ۾ تبديلي، اسپيشل ڪورٽس (ڪسٽمز، ٽيڪسيشن اينڊ اينٽي اسمگلنگ) ڪوئيٽا ۽ خضدار جي دائره ڪار ۾ تبديلي ۽ ايڊيشنل سيشن ججز ۽ ٻين لاڳاپيل عدالتن کي لائرز ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن ايڪٽ 2023ع تحت ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي مونو سوڊيم گلوٽاميٽ (اجينوموتو) جي درآمد تان پابندي هٽائڻ جي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهو فيصلو ماهرن جي ان خصوصي ڪميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي جيڪا وزيراعظم آفيس جي هدايت تي مونو سوڊيم گلوٽاميٽ جي انساني صحت تي اثرن کي جانچڻ جي حوالي سان ٺاهي وئي هئي. ان ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ مونو سوڊيم گلوٽاميٽ کي انساني صحت جي لاءِ محفوظ قرار ڏنو آهي. ان ڪميٽي ۾ پاڪستان سائينٽفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ، نيشنل ايگريڪلچر ريسرچ سينٽر، نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي، انسٽيٽيوٽ آف فوڊ اينڊ نيوٽريشنل سائنسز، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزارت، پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ۽ سيڙپڪاري بورڊ جا نمائندا شامل هئا. وفاقي ڪابينا تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت جي سفارش تي يونيورسٽي آف ڪيمبرج، سينٽ انٽونيز ڪاليج يونيورسٽي آف آڪسفورڊ، يونيورسٽي آف جارڊن، پيڪنگ يونيورسٽي چين، يونيورسٽي آف هائيڊل برگ جرمني ۾ پاڪستان چيئرز جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن جي تجديد جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا تعليم ۽ فني تربيت واري وفاقي وزارت جي سفارش تي سينٽر آف ايڪسيلينس يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي لاهور جي بورڊ آف گورنرز ۾ ڊاڪٽر حبيب الرحمان ۽ ڊاڪٽر ڪامران انصاري جي بطور سبجيڪٽ ايڪسپرٽس نامزدگي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا تعليم ۽ فني تربيت واري وفاقي وزارت جي سفارش تي سينٽر آف ايڪسيلينس ان منرالوجي، يونيورسٽي آف بلوچستان ڪوئيٽا جي بورڊ آف گورنرز ۾ ڊاڪٽر ممتاز محمد شاهه ۽ ڊاڪٽر محمد احمد فاروقي جي بطور سبجيڪٽ ايڪسپرٽس نامزدگي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي اسلام آباد سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان تجويز جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي پرتشدد انتهاپسندي جي روڪٿام جي قومي پاليسي 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي حڪمن جي روشني ۾ خصوصي عدالتن جي حدن/ دائره ڪار ۾ تبديلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي ۽ معزز بلوچستان هاءِ ڪورٽ ڪوئيٽا جي حڪمن جي روشني ۾ اسپيشل ڪورٽس (ڪسٽمز، ٽيڪسيشن اينڊ اينٽي اسمگلنگ) ڪوئيٽا ۽ خضدار جي دائره ڪار ۾ تبديلي جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارس ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ، لاهور هاءِ ڪورٽ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي، بلوچستان هاءِ ڪورٽ ڪوئيٽا جي حڪمن جي روشني ۾ ايڊيشنل سيشن ججز ۽ ٻين لاڳاپيل عدالتن کي لائرز ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن ايڪٽ 2023ع تحت ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.