اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي نه آهي پر فتني ۽ تخريبڪارن جو جٿو آهي، خيبرپختونخواهه جي حڪومت صوبي ۾ امن امان تي ڌيان ڏيڻ بدران هر طرح جي سرڪاري وسيلن سان گڏ وفاق تي ڪاهه ڪري ٿي ۽ ڏينهن رات سازشن ۾ مصروف آهي، تحريڪ انصاف کي پاڪستان کي نقصان پهچائڻ ۽ معيشت کي سبوتاز ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، سياسي پارٽين سميت پوري قوم کي متحد ٿي اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته اهڙي صورتحال ٻيهر پيش نه اچي، اسان کي پاڪستان جي دشمنن جا هٿ روڪڻ جي لاءِ هر حد تائين وڃڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن امن امان جي حوالي سان منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي رينجرز ۽ پوليس جي شهيد اهلڪارن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪرائي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخواهه مان سرڪاري وسيلن ۽ سامان سان ليس جٿي اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي ۽ رستي ۾ ملڪيتن کي تباهه ڪيو، پوليس ۽ رينجرز جي جوانن کي شهيد ڪيو، درجنين اهلڪار زخمي ٿيا، انهن حملو ڪندڙن جي ڪري پاڪستان جي معيشت کي ڏهاڙي 190 ارب رپين جو نقصان کڻڻو پيو، روانگي واپار سميت هر شعبو متاثر ٿيو، دنيا آڏو پاڪستان جي بدنامي ٿي، ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿيو پر 9 مهينن جي حڪومت جي دور ۾ ٽيون يا چوٿون ڀيرو وفاق تي لشڪرڪشيءَ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته اهڙن ناپاڪ ارادن جو 2014ع کان اڳ ڪو وجود نه هو، تڏهن انهن ڊي چوڪ ۾ 126 ڏينهن پاڪستان جي بدنامي ۽ معيشت جي تباهي ڪئي، اهڙي تخريبڪاري جو اڳ ۾ مثال نه ٿو ملي، ان ڌرڻي جي ڪري چين جي صدر جو دورو ملتوي ٿيو، اسان تڏهن شاهه محمود قريشي جي ذريعي ٽن ڏينهن جي لاءِ اهو ڌرڻو ملتوي ڪرڻ جي گذارش به ڪئي پر انهن اسان جي ڳالهه نه مڃي، ان کان وڏي پاڪستان دشمني ڪا ٻي نٿي ٿي سگهي، ان سان اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دير ٿي، اها سي پيڪ جي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ جي ڪڌي سازش هئي جنهن سان پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ روزگار واڳيل هو، ان کانپوءِ ايس سي او ڪانفرنس ۽ چين جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ٻيهر چڙهائي ڪئي وئي، پوءِ سعودي عرب جي دوري ۽ هاڻي بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ڪاهه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان جي پٺيان تخريبي سوچ آهي، انهن کي ان حوالي سان ڏينهن رات رهنمائي ڏني وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، پنجاب ۽ سنڌ جي وڏن وزيرن پاران مدد تي انهن جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر، آءِ جي اسلام آباد، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب ۽ سنڌ پوري مدد ڪئي، انهن جا به ٿورائتا آهيون، اسان ملڪ کي هڪ طرف ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، آءِ ايم ايف کان انهن جي مخالفت جي باوجود پروگرام منظور ڪرايو، وڏن وڏن چئلينجن ۽ ڳنڀير حالتن کي منهن ڏنو، هاڻي آهستي آهستي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، معيشت ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ لک پوائنٽس کان ٽُپي وئي آهي، پاڪستان جا دشمن ان کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، اسان انهن کي ان جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، اسان کي پاڪستان جي دشمنن جا هٿ روڪڻ ۽ ٽوڙڻ جي لاءِ هر قدم کڻڻو پوندو، اسان کي سنجيده ۽ پختي سوچ ۽ عمل سان اڳتي وڌڻو آهي، اسان کي خيبرپختونخواهه حڪومت جي ڏينهن رات جي سازشن کي روڪڻو آهي. وزيراعظم مثبت معاشي اشارن جو ذڪر ڪندي چيو ته هي ملڪي معيشت جي بهتري جي اسان جي هر ڪوشش کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، اسان جي ڪوششن سان مهانگائي جي شرح ۽ ناڻي واڌ هڪ انگ تي اچي چڪا آهن، پاليسي ريٽ 15 سيڪڙو تائين اچي ويو آهي، دوست ملڪن مان سيڙپڪاري اچي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف هڪ سياسي پارٽي نه آهي پر فتني ۽ تخريبڪاري جو جٿو آهي، اسلام آباد تي چڙهائي ڪندڙ تخريبڪارن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري انهن کي سزائون ڏنيون وينديون، انهن جو اصل چهرو بي نقاب ڪرڻ اسان جي قومي ذميواري آهي، خيبرپختونخواهه اسان جو خوبصورت ۽ پاڪستان جي وفادار ۽ بهادر ماڻهن جو صوبو آهي، اسان کي ان بابت سوچڻو آهي، صوبي جي موجوده حڪومت ٻڌائي ته هن پنهنجي موجوده دور ۾ عوام جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن، اسان کي ڏسڻو پوندو ته اسان کي پاڪستان کي ان جٿي جي حوالي ڪرڻو آهي يا ان کي سنوارڻو آهي؟ پاراچنار جي حالتن تي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي، اها هڪ ڪڌي سازش آهي پر صوبائي حڪومت جنهن کي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي، ان کي ڪو احساسن نه آهي، هي ”تحريڪ انصاف“ نه پر ”تخريب انصاف“ آهي، انهن جو باني ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهائيندڙ شخص آهي، ان کي ملڪ جو ڪو احساس نه آهي، مون پنهنجي 40 سالن جي سياسي زندگي ۾ اهڙي قسم جي ڪڌي سوچ ڪنهن ٻي سياسي پارٽي ۽ شخص ۾ ناهي ڏٺي، انهن پاراچنار ۾ رتوڇاڻ بند ڪرائڻ بدران اسلام آباد تي چڙهائي شروع ڪري ڇڏي، اهي پاڪستان جي تباهي ۽ معيشت کي ٻوڙڻ جي ڪڌي ايجنڊا تي عمل پيرا آهن، انهن کي پاڪستان جي ڪا پرواهه نه آهي، اسان انهن کي پاڪستان کي ڪنهن به طرح نقصان پهچائڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سياسي پارٽين سميت پوري قوم کي متحد ٿي اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته اهڙي صورتحال ٻيهر پيش نه اچي.