حيدرآباد-29 نومبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي شاگرد محمد اسحاق، ھواوي آءِ سي ٽي مقابلي 2024ع ۾ اهم ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آھي ۽ نيٽ ورڪ ٽريڪ ۾ پاڪستان جي ٽاپ ٿري طور ڪاميابي ماڻيندي، عالمي مرحلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. اھڙي اھم ڪاميابي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري هن تاريخي ڪاميابي تي محمد اسحاق کي مبارڪباد ڏني آھي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ھواوي آءِ سي ٽي مقابلي 2024 ع جي آن لائن مرحلي ۾ پاڪستان جي 17,500 شاگردن حصو ورتو، مقابلي لاءِ نيٽ ورڪ، ڪمپيوٽنگ، ۽ ڪلائوڊ ٽريڪ شامل ھئا، انھن مقابلن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر جي شاگردن ابتدائي مرحلي ۾ غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ 33 نيٽ ورڪ ٽريڪ، 7 ڪمپيوٽنگ ٽريڪ، ۽ 3 ڪلائوڊ ٽريڪ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ۽ مجموعي طور تي يونيورسٽي جي 43 شاگرد ملڪي سطح جي مرحلي لاءِ چونڊيا ويا، ملڪي سطح تي مختلف ٽريڪ تي ٿيل مقابلن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن پنهنجي قابليت ۽ تياري جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جي ٽاپ 30 اميدوارن ۾ جڳهه ٺاهي ورتي، نيٽ ورڪ ٽريڪ ۾ 6 شاگردن – حفصه مرجيه، محمد اسحاق، سيد شعيب جيلاني، عبدالغني، سميع الله ۽ لياقت علي لاشاري نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري، جڏهن ته ڪمپيوٽنگ ٽريڪ ۾ شمن علي مهر ۽ ابوبڪر ڪاميابي حاصل ڪئي، اھڙي ريت فائنل مرحلي جي انٽرويوز ۽ ليب ڊسڪشن کان پوءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگرد محمد اسحاق نيٽ ورڪ ٽريڪ ۾ پاڪستان جي ٽاپ ٿري ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي ۽ عالمي مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري هن اهم ڪاميابي تي خوشي جو اظھار ڪندي چيو ته اسان جي نوجوانن ۾ وڏو ٽيلينٽ موجود آھي، مون کي يقين آهي ته ڪاميابي ماڻيندڙ شاگرد عالمي مرحلي ۾ ڪاميابي ماڻيندو ۽ يونيورسٽي توڙي ملڪ جو نالو به روشن ڪندو، وائيس چانسلر ان ڪاميابي ۾ ھواوي آءِ سي ٽي اڪيڊمي جي ماسٽر ٽرينر ۽ پوائنٽ آف ڪنٽيڪٽ، ڊاڪٽر سهراب ٿھيم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر مير سجاد حسين ٽالپر جي ڪوششن جي تعريف ڪئي.