حيدرآباد-29 نومبر (اي پي پي) ٽائمز ھائير ايجوڪيشن جي جاري ڪيل يونيورسٽين جي رينڪنگ ۾ مھراڻ يونيورسٽي سنڌ صوبي جي پھريون نمبر ۽ ملڪ جي انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ ٽيون نمبر ھجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. انٽر ڊسيپلينري سائنس رينڪنگ 2025ع ۾ مھراڻ يونيورسٽي کي سنڌ صوبي جي پھريون نمبر يونيورسٽي قرار ڏنو ويو آھي. مھراڻ يونيورسٽي کي رينڪنگ ۾ اعزاز ملڻ تي مھراڻ يونيورسٽي جي استادن، شاگردن، المنائيز، آفيسرن ۽ ملازمن کي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحٰه حسين علي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار ۽ فئڪلٽيز جي ڊينز مبارڪون ڏنيون آھن. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحٰه حسين علي چيو آھي ته مھراڻ يونيورسٽي جي بھترين رينڪنگ ۽ ترقي مھراڻ يونيورسٽي جي ھر شاگرد، ھر ملازم ۽ ھر المنائي جي ترقي آھي. اسان جي ڪوشش آھي ته مھراڻ يونيورسٽي ورلڊ رينڪنگ ۾ به ائين ترقي ڪري.