ابوظهبي -25 نومبر (اي پي پي) ابوظهبي ۾ ايراني سفارتخاني گڏيل عرب امارات ۾ يهودي ربي ”زوي ڪوگان“ جي قتل ۾ ملوث هجڻ جي دعوائن کي رد ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايراني سفارتخاني رائيٽرز جي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان ان شخص جي قتل ۾ ايران جي ملوث هجڻ جي الزامن کي واضح طور تي رد ڪيون ٿا. ان کان اڳ اماراتي گهرو وزارت اعلان ڪيو هو ته رياست ۾ رهندڙ زوي ڪوگان جي قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي رڪارڊ مدي ۾ گرفتار ڪيو ويو. سفري دستاويزن مطابق ڪوگان مالدووا جي شهريت سان امارات ۾ داخل ٿيو هو. امارات جي سرڪاري خابرو اداري ٻڌايو ته قتل جي ڏوهارين جو انگ 3 آهي. امارات جي گهرو وزارت باور ڪرايو آهي، ته وزارت معاشري ۾ امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ هر شخص کي ڀرپور طريقي سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.