ڪراچي-22 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آھن، ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائيڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. اهڙو اظهار هن سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي بورڊ جي 13هين اجلاس جي صدارت دوران ڪيو.ان موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کاتي کي ھدايت ڪئي ته ٽرانسپورٽ کاتي جي زمينن تا غير قانوني قبضا جلد کان جلد ختم ڪرائڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اُن سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي مدد حاصل ڪئي وڃي. ھن چيو ته جن زمينن تي سرڪاري ادارن جون آفيسون ٺھيل آھن، اُنھن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن، نوٽيسز تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي وڃي. سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بورڊ جي اجلاس ۾ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بورڊ جي 12 ھين اجلاس جي منٽس، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي بورڊ جي سيڪريٽري جي مقرري جي به منظوري ڏني وئي. بوڊ اجلاس ۾ عبدالستار ايڌي اورنج لائن بي آر ٽي پروجيڪٽ مينيجمينٽ يونٽ جي ڪانٽريڪٽ ملازمن جي ڪانٽريڪٽس ۾ واڌ جي به منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ پلاننگ اينڊ ڊولپيمنٽ جي نمائندي پاران پروجيڪٽ مينيجمينٽ يونٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پرويز جمالي جي مستقل مقرري جي سفارش ڪئي وئي، اجلاس ۾ ايس ايم ٽي اي جي مالي سال 2021-22 ۽ مالي سال 2023-24 جي بجيٽ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو مقصد عوام کي مھانگائي جي ھن زماني ۾ رليف ڏيڻ آھي سنڌ سرڪار ٻين شھرن ۾ بسون ھلائڻ جو ارادو رکي ٿي بسون ھلائڻ جا خواھشمند اسٽيڪ ھولڊرز پيپلز بس سروس ۾ سيڙپڪاري ڪن، سنڌ سرڪار سندن حوصلا افزائي ڪندي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز چيما ۽ ٻين بورڊ ميمبرن شرڪت ڪئي.