ڪراچي-22 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان اومان جي قونصل جنرل انجنيئر سميع عبدالله الخنجاري سيڙپڪارن جي 6 رڪني وفد سان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ اومان ، ٻه طرفن لاڳاپن ،سيڙپڪاري ،واپار ۾ اضافي ،آئيڊياز 2024ع سوڌو اهميت وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر اومان جي سيڙپڪارن کي صوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته صوبي جا پرڪشش شعبا سيڙپڪاري لاءِ انتهائي شاندار آهن. هن چيو ته اعليَ تعليم يافته ، تجربيڪار،محنتي ،نوجوان فردي سگهه سيڙپڪاري لاءِ اهم ثابت ٿيندا. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته اومان سان واپار وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. اومان جي قونصل جنرل انجنيئر سميع عبدالله چيو ته اومان جا سيڙپڪار صوبي جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جا خواهشمند آهن. هن وڌيڪ چيو ته اومان هميشه پاڪستان جي مضبوط معيشت ۽ دفاع کي ترجيح ڏني، دفاعي نمائش 2024ع پاڪستان جي صلاحيت جو واضح اظهار آهي. بعد ۾ سنڌ جي گورنر سان گڏجي اومان جي قونصل جنرل انجنيئر سميع عبدالله سيڙپڪارن جي وفد قائداعظم جي ڪمري جو دورو به ڪيو.