تونسه بئراج/ ڪوٽ ادو – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي پاڪستان جي لاءِ غيرمشروط مالي ۽ سفارتي حمايت کي ساراهيندي واضح طور تي چيو آهي ته اهڙي ڀائر ملڪ جي خلاف زهر اوڳاڇڻ ناقابل معافي ڏوهه آهي، ڪو به اهڙو هٿ جيڪو پاڪ – سعوديه دوستي ۾ رڪاوٽ وجهندو، قوم کي ان ٽوڙي ڇڏيندي، سعودي عرب جهڙي پراڻي دوست جي خلاف بي بنياد پروپئگنڊه ڪري ڪنهن کي پاڪستان جي مفاد سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين، سياسي مفاد جي لاءِ نفرتن جا ٻج ڇَٽڻ ۽ پاڪستان جي مفاد کي داءُ تي لڳائي سياسي مفاد حاصل ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، پاڪستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ متحد ٿي ملڪ دشمنن جو ڄمي مقابلو ڪرڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار تونسه ۾ ڪڇي ڪينال منصوبي جي بحالي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو هڪ اهڙو دوست ۽ ڀائر ملڪ آهي جنهن کي جيترو ساراهيو وڃي گهٽ آهي، هر دور ۽ هر حڪومت ۾ سعودي عرب بنا ڪنهن فرق جي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي مالي، اقتصادي ۽ سفارتي مدد ڪئي آهي، سدائين عالمي سطح تي پاڪستان جو ڪيس وڙهيو آهي، هر محاذ تي پاڪستان جي بي مثال مدد ڪي، ان جي بدلي ۾ 77 سالن ۾ ڪو مطالبو يا سياسي ارادو نه رکيو، سدائين غيرمشروط طور تي ڀائرن وانگر اسان جي مدد ڪئي. وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن سعودي عرب جي حوالي سان ڏنل بيان کان وڌيڪ پاڪستان دشمني ڪا به نه ٿي سگهي، سعودي عرب سدائين پاڪستان جي لاءِ پنهنجا دروازا کليل رکيا آهن، سدائين کلي پاڪستان جي مدد ڪئي، منهنجي تازن دورن جي دوران سعودي حڪومت پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي، ان حوالي سان معاهدا ٿيا، اهڙي شفقت وارو رويو رکندڙ دوست ملڪ جي خلاف زهر اوڳاڇڻ افسوسناڪ آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي تحسين ۽ ان جي لاءِ سٺن جذبن بدران زهر آلود بيان ڏنا پيا وڃن، انهن کي ان جي نقصانن جو اندازو نه آهي، پاڪستان جڏهن ائٽمي طاقت بڻيو ته ان وقت عالمي پابندين جي باوجود سعودي عرب اسان کي مفت تيل ڏنو، جنرل مشرف جي دور ۾ به اهو سلسلو جاري رهيو، سعودي عرب اسان جو وڪيل آهي جنهن پاڪستان جي اربين ڊالر جي مدد ڪئي، آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پئڪيج سعودي عرب جي ڪري مليو، ان جي خلاف زهر اوڳاڇڻ ناقابل معافي ڏوهه آهي. وزيراعظم چيو ته ڪو به اهڙو هٿ جيڪو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دوستي ۾ رڪاوٽ وجهندو، قوم ان کي ٽوڙي ڇڏيندي، سياسي مفاد جي لاءِ نفرتن جا ٻج ڇَٽڻ ۽ پاڪستان جي مفاد کي داءُ تي لڳائي سياسي مفاد حاصل ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي اتحاد کي ٽوڙڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، اسان کي پاڪستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ متحد ٿي ملڪ دشمنن جو ڄمي مقابلو ڪرڻو پوندو، سعودي عرب جهڙي پائيدار دوست جي خلاف پروپئگنڊه ڪري ڪنهن کي به پاڪستان جي مفاد سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ڪڇي ڪينال منصوبي جي بحالي جي حوالي سان پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڪڇي ڪينال منصوبي جي بحالي جي ذريعي بلوچستان جي متاثر علائقي کي ٻيهر نئين زندگي ملندي، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي کي مبارڪباد ڏيان ٿو، سندس ذاتي ڪوششن ۽ دلچسپي سان اهو منصوبو بحال ٿيو، پنجاب حڪومت، وفاقي وزير احسن اقبال ۽ واپڊا جي مدد سان اهو منصوبو مڪمل ٿيو. هن چيو ته ان منصوبي جي فزيبلٽي اسٽڊي جي شروعات 1998ع ۾ نواز شريف جي دور ۾ ٿي، جنرل مشرف جي دور ۾ بنا ٽينڊر جي ان منصوبي کي ٺيڪيدارن جي حوالي ڪيو ويو ۽ بيدرديءَ سان غريب قوم جو پئسو برباد ڪيو ويو، 2018ع ۾ نواز شريف جي دور ۾ ان منصوبي جي تڪميل ٿي، ان منصوبي تي هيستائين 100 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، ان منصوبي جو اصل محسن نواز شريف آهي. هن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ ۾ ڪڇي ڪينال کي تمام گهڻو نقصان پهتو. وزيراعظم چيو ته ان منصوبي جي ٻئي مرحلي جي تڪميل اصل چئلينج آهي، ان جي لاءِ جتان به وسيلا آڻڻا پيا، آڻي ان منصوبي کي مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير وفاق سان گڏجي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلز کي سولرائيزيشن تي منتقل ڪرڻ جي منصوبي جي شروعات ڪئي آهي، پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ بلوچستان جو وڏو وزير نوجوان ۽ باصلاحيت آهن، اهي پنهنجي صوبن جي عوام جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، پنجاب ۾ آبادگارن کي مفت ٽريڪٽرز جي ورڇ وزيراعليٰ پاران وڏي خدمت آهي، ان سان زرعي شعبي ۾ انقلاب ايندو، پنجاب جي وزيراعليٰ تعليم ۽ صحت تي صوبي ۾ ڀرپور ڌيان ڏنو آهي، هوءَ محنت، امانت ۽ ديانت تي عمل پيرا آهي، سندس محنت جا ثمر جلد عوام تائين پهچندا. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف تونسه بئراج وٽ ڪڍيل ڪڇي ڪينال جي ٻوڏ کان متاثر حصن جي بحالي جي منصوبي جو افتتاح ڪيو.