ڪراچي- 20 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي پوليو مهم دوران فعال ڪردار ادا نه ڪندڙ ڊي سيز، ايس ايس پيز ۽ ڊي ايڇ اوز کي هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته پوليو جي ڦڙن کان انڪار جو وقت گذري ويو آهي اسان ان کي برداشت نٿا ڪري سگهون، پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار، لاڳاپيل آفيسرن جي عدم دلچسپي ۽ لڏپلاڻ سبب سڄي صوبي ۾ پوليو وائرس پکڙجي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي بابت اجلاس ٿيو. اجلاس دوران صحت واري صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو ۽ انچارج اي او سي ارشاد سوڍڙ وڏي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ پوليو جا 50 ڪيس سامهون آيا آهن. سنڌ ۾ 13، خيبرپختونخواهه ۾ 11، پنجاب ۾ هڪ ۽ بلوچستان ۾ 24 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ ۾ حيدرآباد، جيڪب آباد ۽ ڪيماڙي ۾ 2-2، شڪارپور، شرقي (گجرو)، سجاول، ملير، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ گهوٽڪي ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. ٻارن جي آبادي ۽ پوليو جي صورتحال بابت وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هن وقت سنڌ ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جا هڪ ڪروڙ ڇهه لک ٻار آهن. ان کان علاوه 3 لک 21 هزار 323 ٻار اهڙا آهن جيڪي پنهنجي والدين سان گڏ لڏپلاڻ ڪري ويا آهن. في الحال 69 سيڪڙو ٻارن کي سڀئي ڊوز ملي چڪا آهن. 2024 جي رپورٽ موجب 20 ضلعن مان گڏ ڪيل ماحولياتي نمونن مان 66 سيڪڙو ۾ پوليو وائرس جي موجودگي ملي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر دوران مختلف ضلعن ۾ 43 هزار 227 ڪوڙا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. بريفنگ دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر 2024ع جي مهم دوران 6 ضلعن ڄامشورو، سينٽرل، اوڀر، ملير، ڪشمور ۽ ٿرپارڪر جي ڪارڪردگي خراب رهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ ڊي ايڇ اوز کي چيو وڃي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪن ٻئي صورت ۾ کين برطرف ڪيو وڃي. هن چيف سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته معاملي جي جاچ ڪري ضروري ڪارروائي ڪئي وڃي. آخر ۾ وڏي وزير چيو ته پاڪستان 50 ڪيسن سان گڏ ۽ افغانستان 23 ڪيسن سان دنيا جا واحد ملڪ آهن جتي پوليو تي اڃا تائين ضابطو نه اچي سگهيو آهي. پوليو جي خاتمي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن ۽ والدين کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. اجلاس ۾ صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پبلڪ سيڪٽر ڪميونيڪيشن مئنيجمينٽ آغا واصف، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي انچارج ارشاد سوڍڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.