ڪراچي- 20 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير حاجي گلبر خان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گلگت بلتستان جو ايڪسائيز کاتي وارو صوبائي وزير حاجي رحمت خالق ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير جو خاص مددگار حسين شاهه پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ وڏي وزير گلبر خان، سنڌ جي وڏي وزير آڏو مطالبو رکيو ته سنڌ جي ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن ۾ گلگت بلتستان جي ٻارن جون سيٽون وڌايون وڃن ڇوته گلگت بلتستان جا 10 هزار ٻار ڪراچي ۾ پڙهي رهيا آهن. وڏي وزير ان معاملي تي خاطري ڪرائيندي چيو ته هو سنڌ جي يونيورسٽين ۾ گلگت بلتستان جي ٻارن لاءِ سيٽون وڌائڻ جو ذاتي طور تي جائزو وٺندو. وڏي وزير گلبر خان، مراد علي شاهه کي درخواست ڪئي ته ڪراچي ۾ گلگت بلتستان جي ٻارن لاءِ هاسٽل تعمير ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت زمين الاٽ ڪري هاسٽل جو منصوبو به مڪمل ڪرائيندي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو مون کي گلگت بلتستان ۾ اين آءِ سي وي ڊي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير جلد گلگت بلتستان جو دورو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته هو سنڌ حڪومت پاران فراهم ڪيل سهولتن جو اتي ئي اعلان ڪندو. گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ جنرل نرسن جي کوٽ آهي. گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ ملاقات ۾ موجود وزيرن گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي. وڏي وزير گلبر خان چيو ته صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جو ڪم زبردست آهي جنهن تي وڏي وزير مراد علي شاهه گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان جا ٿورا مڃيا.