ميڊرڊ – 15 نومبر (اي پي پي) هسپانوي فٽبال ليگ لاليگا ۾ 11 ڏينهن آرام کانپوءِ 23 نومبر تي وڌيڪ چار ميچون کيڏيون وينديون. اسپينش ليگ لاليگا جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو اسپين ۾ جاري آهي. پهرين ميچ ويلنسيا ۽ ريال بيٽس جي ٽيمن وچ ۾ ميسٽلا ويلنسيا، اسپين ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ ايٽليٽيڪو ميڊرڊ ۽ الاويز جي ٽيمن وچ ۾ رياض ايئر ميٽرو پوليٽانو، ميڊرڊ، اسپين ۾ کيڏي ويندي. ٽئين ميچ ۾ گيرونا ۽ اسپينيوئل جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ اها ميچ ميونسپل ڊي مونٽيليوي، گيرونا ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته 23 نومبر تي رٿيل چوٿين ۽ آخري ميچ لاس پالماس ۽ ميلورڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. اها ميچ سٽيڊيو، گران ڪينريا، لاس پالماس ڊي گران ڪينريا، اسپين ۾ کيڏي ويندي.