ڪراچي -12 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبن جي ترقي ۾ وفاق جي ڪردار، ٻطرفن لاڳاپن، وفدن جي مٽاسٽا، صوبن وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي حوالي سان کنيل قدمن ۽ ٻين اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته وزيراعظم ڪراچي جي ترقي ۾ ڀرپور دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان مان وفدن جي مٽاسٽا ڪري هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جي گورنر بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل کي گورنر اينيشيئيٽو تحت هلندڙ منصوبن بابت آگاهه ڪيو. آءِ ٽي جي شاگردن کي خطاب ڪندي بلوچستان جي گورنر چيو ته گورنر جي اينيشيئيٽو تحت آءِ ٽي ڪلاسز سميت ٻيا منصوبا ساراهه جوڳا آهن. مان انهن مان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان. بلوچستان جي گورنر ”اميد جي گھنٽي“ وڄائي خوشگوار حيرت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر، شيخ جعفر مندوخيل کي بيل آف هوپ جي مقصدن کان آگاهه ڪيو. بلوچستان جي گورنر راشن بيگز جو معائنو ڪيو ۽ سنڌ جي گورنر جي قدمن جي واکاڻ ڪئي. بلوچستان جي گورنر پڻ وڻ پوکڻ واري مهم جي حصي طور گورنر هائوس ۾ ٻوٽو به لڳايو.