ڪراچي – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائس چانسلرز يونيورسٽين کي بُحرانن کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجا وسيلا پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته ائين ڪرڻ سان ئي ادارن کي ڪاميابي طرف وٺي وڃي سگهجي ٿو. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ سان شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپُور جي تازو مُقرر ٿيل وائيس چانسلر ڊاڪٽر يوسف خشڪ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ ۾ ملاقات ڪئي ۽ مُلاقات ۾ ٻنهي تعليمي ماهرن اعليٰ تعليم ۽ ان سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته يونيورسٽين کي پنهنجا وسيلا به پيدا ڪرڻ گهرجن ته جيئن اهي بحرانن جو شڪار ٿيڻ بدران پنهنجو ڪم ڪاميابيءَ سان ڪري سگهن. ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ ڊاڪٽر يوسف خشڪ کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد به ڏني ۽ چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي گذريل ڪجهه سالن کان سخت بحرانن مان گذري آهي، تنهن ڪري کيس اميد آهي ته ڊاڪٽر يوسف خشڪ پنهنجي وسيع تجربي، سٺين انتظامي صلاحيتن، عزم ۽ ايمانداريءَ سان ان کي معياري تعليم کان وٺي تحقيقي ڪم تائين سڀني شعبن ۾ مستحڪم بڻائيندو ۽ ان کي ڪاميابيءَ طرف وٺي ويندو. ڊاڪٽر يوسف خشڪ چيو ته، هو سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ اچي فخر ٿو محسوس ڪري، ڇاڪاڻ جو هيءَ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مادر علمي آهي. هن چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي صوبي جي وڏين يونيورسٽين مان هڪ آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي لاءِ ان کي جديد دور جي گهرجن پٽاندڙ هلائڻ واري هڪ وڏي ذميواري ٿو سمجهي. هن چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جلد ئي مسئلن مان ٻاهر نڪري ايندي، بهتر نموني ڪم ڪندي ۽ ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌندي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائس چانسلر کي سووينئر پيش ڪيو.