ڪراچي – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري قائداعظم جي 76 هين ورسيءَ جي موقعي تي قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري، گل چاڙهيا ۽ فاتحه خواني ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي متاثر ڪندڙ اڳواڻي، شاندار نظريي ۽ اڻٿڪ محنت سان اسان کي پاڪستان مليو آھي ۽ ھن انگريز راڄ کان ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ وارو مطالبو مڃرايو. ھن چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي وصال جي ڏهاڙي تي اسان کي اهو وچن ڪرڻ گھرجي ته ذاتي رنجشن کي وساري ملڪ کي قائداعظم جي ويزن مطابق ترقي ڏينداسين ۽ ان مقام تي پھچائينداسين جنھن لاءِ شھيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد جمھوريت محترمه بينظير ڀٽو سندن زندگين جون قربانيون ڏنيون. جڏهن ته سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به لکيا. ۽ صحايفن سان ڳالهائيندي هن چيو ته قائداعظم جرئت، عزم ۽ استقلال جهڙين خوبين جو مالڪ هو، قائد اعظم جا اتحاد، يقين ۽ نظم وضبط وارا اصول انتهائي اڻٽر آهن، قائد سڄي زندگي جمهوري اصولن جي سربلندي تي ڪاربند رهيو. سنڌ جي گورنر چيو ته اڄ پاڪستان پنهنجي تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺو آهي، موجوده حڪومت ملڪ کي قائد جو پاڪستان بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي صوبائي ڪابينا جا ميمبر پڻ موجود ھئا.