سکر -06 سيپٽمبر (اي پي پي)يوم دفاع جي موقعي تي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر پيپلز هاڪي اسٽيڊيم ۾ ٻن ڏينهن واري ڊفينس ڊي هاڪي ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي، ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر ايم راجا ڌاريجو، ڊائريڪٽر اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو ۽ سکر هاڪي ايسوسيئيشن جا عملدار پڻ موجود هئا. افتتاحي تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير اعلان ڪيو ته سنڌ اسپورٽس کاتو هن ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي قومي ۽ عالمي سطح تي نمائندگي ڪرائڻ لاءِ صوبائي اسپورٽس کاتو اسپانسر ڪندو. ھن ٽورنامينٽس ۾ حصو وٺندڙ سمورن رانديگرن ۽ رانديگرياڻين لاءِ اسپورٽس ڪٽ فراھم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. هن چيو ته هاڪي راند اسان جي سڃاڻپ هئي، اسين هاڪي جي بحالي لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون، هن چيو ته رڳو سنڌ حڪومت هاڪي فيڊريشن کي ساليانو 10 ڪروڙ روپيا گرانٽ ڏئي رهي آهي، اسان جي هاڪي رانديگرن عالمي سطح تي پنھنجو پاڻ مڃرايو آهي، اسان جي خواهش آهي ته پاڪستان هاڪي جو عروج واپس اچي. هن چيو ته سکر جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ تمام گهڻو ٽئلينٽ آهي، هاڻي اها ھنن نوجوان جي ذميواري بڻجي ٿي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ھاڪي راند ۾ پنھنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن. اسين چاهيون ٿا ته ارشد نديم وانگر هاڪي ۾ به ٻيهر اولمپڪ گولڊ ميڊل حاصل ڪريون. محمد بخش مھر چيو ته هتي اچي کيس ڏاڍي خوشي ٿي آهي. سنڌ حڪومت پاران سکر ۾ مختلف راندين کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ٽورنامينٽ ڪرايا ويندا رھيا آھن. هن چيو ته صوبائي راندين واري وزير جي حيثيت ۾ اوھان سان هر ممڪن سهڪار رھندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت مختلف اسپورٽس ايسوسيئيشنز ۽ فيڊريشنز کي گرانٽ فراهم ڪندي آهي، جنھن جو انٽرنل آڊٽ ٿيڻ گهرجي ته جيئن خبر پوي ته اھو پئسو ڪٿي خرچ پيو ٿئي ۽ مون اهو معاملو سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان اٿاريو به آهي. سکر اسپورٽس ڪامپليڪس ۽ سکر ۾ پي ايس ايل ۽ انٽرنيشنل ٽورنامينٽ جي حوالي سان پڇيل سوال تي ھن چيو ته سکر اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ سهولتون وڌائڻ جو ڪم جاري آهي جيڪو وفاقي حڪومت جي ماتحت آهي، اتي پڻ آئون جلد دورو ڪندس ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آڏو اھا گذارش رکندس ته جيئن سکر ۾ پڻ عالمي راندين جا مقابلا منعقد ڪري سگهجن. انھيءَ کان اڳ صوبائي وزير سنڌ اسپورٽس بورڊ جي رانديگرن جي هاسٽل جو دورو پڻ ڪيو ۽ رانديگرن جي رهائش، جم ۽ ٻين سهولتن جو معائنو ڪيو.