نيويارڪ-05 سيپٽمبر(اي پي پي) اٽلي جو مشهور ٽينس اسٽار ۽ ٽاپ سيڊڊ جينڪ سنر ۽ انگلينڊ جو ٽينس رانديگر جيڪ ڊريپر پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جي ڪري يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويا. جڏهن ته روسي ٽينس اسٽار، عالمي نمبر پنج ڊينيئل مدويديف ۽ آسٽريليا جو ٽينس رانديگر ايلڪس ڊي مينور مينز سنگلز ڪوارٽر فائنل ۾ هارائي ميگا ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويا. هلندڙ سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام يوايس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جا دلچسپ مقابلا آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ جاري آهن.