ميڊرڊ-05 سيپٽمبر(اي پي پي) آسٽريليا جي سائيڪلسٽ ڪيڊن گرووز ويلٽا اسپانيا سائيڪل ريس جو 17هون مرحلو کٽي ورتو آهي. 25 سالن جي آسٽريلين سائيڪلسٽ ڪيڊن گرووز جي ريس ۾ ٽئين اسٽيج ڪاميابي آهي. ويلٽا اسپانيا سائيڪل ريس جو 79 هون ايڊيشن اسپين ۾ جاري آهي جيڪو 21 مرحلن تي ٻڌل آهي. ريس ۾ 22 ٽيمن جا سائيڪلسٽ حصو وٺي رهيا آهن. آسٽريلوي سائيڪلسٽ ڪيڊن گرووز ويلٽا اسپانيا سائيڪل ريس جو 17هون مرحلو پنهنجي نالي ڪيو، 17هين مرحلي ۾ ٻئي بيلجيئم جي سائيڪل وٽو بريٽ ٽئي هسپانوي سائيڪلسٽ پائو ميڪيل چوٿي جڏهن ته نيوزيلينڊ جي سائيڪل سوار ڪوربن اسٽرانگ پنجي پوزيشن حاصل ڪئي، ويلٽا اسپانيا سائيڪل ريس اسپين ۾ جاري آهي. آسٽريليا جي سائيڪل سوار بين اليگزينڊر او ڪونر ڇهون مرحلو کٽڻ سميت ريڊ جرسي تي قبضو حاصل ڪيو هو. ويلٽا اسپانيا سائيڪل ريس ۾ ڪل 21 مرحلا آهن جنهن ۾شرڪت ڪندڙ سائيڪل سوار ڪل 3304.3 ڪلو ميٽر جو فاصلو طئي ڪندا ويلٽا اسپانيا سائيڪل ريس 21 سيپٽمبر تي اسپين جي گادي واري هنڌ ميڊرڊ ۾ ختم ٿيندي.