ڪراچي- 23 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه رحيم يار خان ۾ پوليس تي ڌاڙيلن جي حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ پوليس کي پنجاب پوليس سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان پوليس کي ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن جي رٿابندي ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ پوليس کي پنجاب پوليس سان رابطو ڪرڻ جي هدايت چيو آهي ته پنجاب پوليس کي جيڪا به مدد گهربل هجي ان کي فوري طور تي فراهم ڪيو وڃي، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان پوليس کي گهرجي ته ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن جي رٿابندي ڪن. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت زخمي پوليس اهلڪارن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.