حيدرآباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت صوبي ۾ زرعي دوائن، ڀاڻ ۽ ٻج لاءِ زرعي گريجوئيٽس ذريعي لائسنس جاري ڪرڻ جا شرط لاڳو ڪرڻ ۽ آبادگارن جي فائدي لاءِ ھاري ڪارڊ کي ڪارائتو بڻائڻ ۽ زرعي يونيورسٽي جي گريجوئيٽس کي ذاتي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ مالي سھڪار لاءِ منصوبو جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪالھه سنڌ زرعي يونيورسٽي، زرعي تحقيق ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل سھڪار سان يونيورسٽي جي شاگردياڻين سميت 43 ڇوڪرين کي ٽريڪٽر جي ھلائڻ ۽ سارسنڀال واري تقريب کي خطاب ڪندي زراعت، اينٽي ڪرپشن، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن بابت صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ ۾ زرعي دوائن، ڀاڻ ۽ ٻج لاءِ زرعي گريجوئيٽس ذريعي لائسنس جاري ڪرڻ جا شرط لاڳو ڪرڻ وارا آهيون. زرعي گريجوئيٽس کي ذاتي طور ڪاروبار ۽ اسٽارٽ اپ لاءِ مالي مدد به فراهم ڪئي ويندي، محمد بخش مهر وڌيڪ چيو ته عورتن شاگردن کي زرعي شعبي ۾ بااختيار بڻائڻ لاءِ انهن کي زراعت بابت تربيت ڏيڻ چاهيون ٿا، هن تربيت واري ورڪشاپ جو مقصد عورتن کي ٽريڪٽر هلائڻ جي تربيت، مرمت سان گڏوگڏ پوکائي جا طريقا سيکارڻ آهي. عورتون هن پروگرام تحت حڪومت جي سبسڊائز ٿيل ريٽ تي ٽريڪٽر به خريد ڪري سگهنديون، ھن چيو ته ھاري ڪارڊ کي وڌيڪ بھتر بڻايو ويندو ته جيئن ھاري ان مان فائدو حاصل ڪري سگھن، سنڌ جي هارين کي ٻين زرعي تربيت سان گڏ زرعي تعليم ڏيڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، زرعي جنسن جي جعلي ڪمپنين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته انٽرفيڪلٽي ڪرڪيٽ چئمپين شپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي سردار محمد بخش مهر چيو ته قومي هيرو ارشد نديم هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، مان سنڌ مان 40 ارشد نديم ڏسڻ چاھيان ٿو، اسان سنڌ اولمپڪس پروگرام شروع ڪرڻ وارا آهيون، پنهنجي نوجوانن کي اولمپڪس راندين جي سٺي ٽريننگ ڏئي سنڌ جي نوجوانن کي اولمپڪس ۾ متعارف ڪرائڻو آهي، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري پنھنجي خطاب دوران چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي زرعي ترقي ۾ اهم ذميواريون ادا ڪري پئي، بھتر زرعي پيداوار ملڪي خوشحالي ۽ نوجوان کي روزگار جا موقعا فراھم ڪرڻ لاءِ زرعي تحقيق ۽ زرعي ڪاروبار ۾ شھري سطح تي سيڙپڪاري ۽ بجيٽ ۾ واڌ جي ضرورت آهي، ھن چيو ته سنڌ حڪومت زرعي گريجوئٽيس کي انٽرپرينيونئرشپ ۽ اسٽارٽس لاءِ مالي معاونت ڪرڻ گھرجي، سيڪريٽري زراعت رفيق احمد ٻرڙي چيو ته تربيت حاصل ڪندڙ ٽريڪٽر هلائڻ واري عورتن کي ڊرائيونگ جو لرننگ لائسنس پڻ فراهم ڪيو ويو آهي، زرعي شعبي ۾ عورتن جو تمام اهم ڪردار آهي. جعلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف روزاني جي بنياد تي ڪارروائيون ٿي رهيون آهن. زراعت کي جديد بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪنالاجي جي استعمال ڪري في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ لازمي آهي، ھن چيو ته زرعي گريجويئٽيس جي حوالي سان سنڌ حڪومت اھم قدم کڻي رھي آھي، ان موقعي تي ، ڊي جي زراعت شهاب ابڙو، ڊي جي واٽر مينيجمينٽ نديم شاهه، ڊي جي زرعي توسيعي کاتو منير احمد جماڻي، ڊاڪٽر مظھر ڪيريو، الطاف سيال، ڊاڪٽر فرمان چانڊيو، سنڌ آبادگار بورڊ جي سيد نديم شاهه نجي ٽريڪٽر ڪمپني جي ذميوارن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.