حيدرآباد-21 آگسٽ (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ حيدرآباد عوام لاءِ پڌرو ڪيو آهي ته منڪي پاڪس هڪ وائرل انفيڪشن آهي ان جي علامت ۾ بخار جو ٿيڻ، مٿي، پٺن ۽ چيلهه ۾ سور ٿيڻ، ڪمزوري، ٿڪاوٽ جو ٿيڻ، چمڙي تي مختلف هنڌن تي نشانن جو ٿيڻ، داڻا يا ڦرڙين جو ٿيڻ، ڳلي ۾ ڳوڙهين جو ٿيڻ آهي، ان علامت جي ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ متاثر ٿيل شخص پنهنجي ويجهي صحت مرڪز سان لهه وچڙ ۾ اچي. منڪي پاڪس جو ڦهلاءُ متاثر ٿيل شخص کان ٻئي شخص ۾ سڌو سئنون يا متاثر ٿيل مريض جي استعمال ٿيل شين کان علاوه کنگهه ۽ ڇڪ اچڻ مهل ويجهي شخص کي منتقل ٿي سگهي ٿو. هن عوام کي آگاهه ڪيو ته ان کان بچاءُ لاءِ جسماني تعلق کان پاسو ڪرڻ، درست طريقي سان بار بار هٿ صاف ڪرڻ، ماسڪ جو صحيح استعمال ڪرڻ، جڏهن ته ڪپڙا گرم پاڻي ۽ صابڻ سان صاف ڪرڻ گهرجن ته جيئن ان بيماري کان محفوظ رهي سگهجي.
جڏهن ته نامياري ڊاڪٽر مرلي لعل منڪي پاڪس جي حوالي سان چيو آهي ته اهو پراڻو وائرس آهي پر صحت جي عالمي اداري ان کي عالمي ايمرجنسي قرار ڏنو آهي، ان حوالي سان ماڻهن ۾ ڄاڻ جو هجڻ ضروري آهي. هن چيو ته اهو اڳ ۾ رڳو جانورن مان پکڙجندو هو پر هاڻي هڪ انسان کان ٻئي انسان ۾ پکڙجڻ شروع ٿيو آهي ان جي لاءِ ماڻهن کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته منڪي پاڪس جا ڪيس پاڪستان ۾ ڏٺا ويا آهن ۽ ويجهڙ ۾ به ان وائرس جو هڪ مريض سامهون آيو آهي. هن چيو ته دنيا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي جيئن ماڻهو سفر ڪن ٿا ائين وائرس به سفر ڪري ٿو. هن چيو ته ان وائرس جي ڪري آفريقا جي 5 ملڪن ۾ هزارين ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ سوين جي انگ ۾ مري به ويا آهن. جڏهن ته هڪ ٻئي نامياري ڊاڪٽر سنجي ڪمار چيو ته اهو وائرس پهريون ڀيرو 1958ع ۾ منظرعام تي آيو هو ۽ ان بيماري وسيلي جانور متاثر ٿيا هئا ۽ ان کانپوءِ 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪي ۾ اها ماڻهن ۾ منتقل ٿيڻ شروع ٿي وئي. هن چيو ته ان بيماري ۾ بلڊ پريشر گهٽ ٿئي ٿو، نظر تي اثر پوي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو بيهوش به ٿي وڃي ٿو ۽ کاڌو به گهٽ کائڻ لڳي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن کي اهڙيون علامتون ظاهر ٿيڻ لڳن ته اهو اسپتال ۾ داخل ٿئي. هن چيو ته ماڻهن کي ان بيماري کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرون استعمال ڪرڻ گهرجن.