حيدرآباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام وڻڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مُلڪي تاريخ جو منفرد قدم کڻندي نئين بيچ لاءِ داخلا وٺندڙ شاگردن کان سندن نالي جا ٻوٽا لڳرائڻ لاءِ ھمٿائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت نئين داخلا وٺندڙ هر شاگرد پنهنجي نالي جو هڪ وڻ پوکيندو. سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو آھي ته وڻ گھٽ ٿيڻ سان موسمياتي ماحول تي وڏا اثر پيا آھن ۽ خاص طور تي گرمي پد ۾ اضافو ٿيو آھي. اھي ڳالھيون ھن يونيورسٽي جي رھائشي ڪالوني ۾ چوماسي وڻڪاري مھم دوران ٻوٽا پوکڻ دوران ڪئي. وائيس چانسلر چيو ته ھن ڀيري انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرام ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن کان سندن نالي سان ٻوٽا لڳرائڻ لاءِ ھمٿايو ويندو ۽ ٻين تدريسي ادارن کي به اھڙي قسم جي روايت کي ھٿي ڏيڻ گھرجي. ھن چيو ته 2022ع ۾ موسمياتي تبديلين پاڪستان تي خاص ناڪاري اثر ڇڏيا آهن، سنڌ ۾ ٻيلن جو گھٽجڻ صوبي لاءِ نقصانڪار آهي. ھن چيو ته ھرشخص پنھنجي زندگي ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻڻ وڻن جو ڪاٺ استعمال ڪري ٿو، ان ڪري اسان تي اھا ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اسان پنھنجي حصي جا گھٽ ۾ گھٽ به وڻ پوکيون. ان موقعي تي مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر طٰحه حسين علي، ڊاڪٽر اي ڪيُو مغل، ڊاڪٽر سرفراز سولنگي، ڊاڪٽر جان محمد مري، احسان لغاري، سيد محمود نواز شاهه، ڊين ڊاڪٽر عنايت الله راجپر، ڊاڪٽر اعجاز علي کونهارو، ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاهه راشدي، ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي، ڊاڪٽر بچل ڀٽو، ڊاڪٽر شبانه سرتاج تنيو، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، ڊائريڪٽر فنانس انيل ڪمار، ڊاڪٽر عبداللطيف ڀٽو، ڊاڪٽر لياقت ڀٽو، گل شير لوچي، مير محمد خشڪ، مختيار سيلرو ۽ ٻين ٻوٽا پوکيا.