لاڙڪاڻو- 20 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 26 آگسٽ تي ٻوڏ جو خطرو آهي، موسميات کاتي جي 25 ۽ 26 آگسٽ تي برسات جي هڪ ٻئي اسپيل جي اڳڪٿي سبب ٻوڏ جو خطرو آهي، سنڌ ۾ سانوڻي جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين موسميات کاتي جي اڳڪٿي کان به وڌيڪ برسات پئي آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته رحمت جي برسات وسائي، صوبائي حڪومت عوام کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي. اهڙو اظهار هن ڪالهه لاڙڪاڻي جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ تازو پيل سانوڻي جي برساتن کان پوءِ لاڙڪاڻي پهتو آهيان ته جيئن بندن جي صورتحال جو جائزو وٺي سگهان. ان موقعي تي آبپاشي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو، پيپلز پارٽي ايم پي اي سردار خان چانڊيو به ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي وڏي وزير آبپاشي کاتي جي عملدارن سان گڏجي لاڙڪاڻي ڀرسان موريا لوپ بند جو دورو ڪيو جتي آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو وڏي وزير کي بندن جي صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سکر بئراج جي ساڄي ڪپ تان نڪرندڙ ڪئنالن کي بند ڪيو ويو آهي، اهو فيصلو تيز برساتن سبب ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته سکر بئراج جي ساڄي پاسي کان 6 وڏا ڪئنال ۽ 23 واهه نڪرن ٿا ۽ سنڌو جي ساڄي ڪناري تي وهندڙ ڪئنالن مان رڳو دادو ڪئنال کي گهارا لڳا آهن، گهارا لڳڻ جو سبب تيز برسات ۽ ايم اين وي ڊرين ۾ پاڻي جا وهڪرا تيز هئا. ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته موريا لوپ بند جي نگراني ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته گهارا لڳڻ سبب فصلن کي نقصان پهتو آهي تنهن ڪري بندن کي به مضبوط ڪيو وڃي. دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ مون سون جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين موسميات کاتي جي اڳڪٿي کان به وڌيڪ برسات پئي آهي، انشاءَ الله سنڌو درياهه تي ڪو به مسئلو نه ٿيندو، اسان کي سڀ کان وڌيڪ خطرو ڪوهه سليمان ۽ جابلو علائقن مان ايندڙ برساتي پاڻي مان آهي. حمل ڍنڍ، ايم اين وي ڊرين ۽ منڇر ڍنڍ ۾ برساتي پاڻي ڀرجڻ سان مسئلو ٿيندو آهي، هن وقت تائين موسميات کاتي جي اڳڪٿي کان وڌيڪ برساتون ٿيون آهن ان جي باوجود الله سائين جو شڪر آهي ته ڪٿي به ڪو واقعو پيش نه آيو آهي پر ميڊيا تي ڪجهه وڌيڪ ئي واويلا ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته جوهي مان آءُ پاڻ 15 ڀيرا ايم پي اي رهي چڪو آهيان ۽ اڄ به جوهي ويندس، برساتي واهن ۽ ڪئنالن ۾ ٻوڏ واري صورتحال سان ٻهراڙي جا رستا شهرن کان ڪٽجي ويندا آهن، ماڻهن جا ڪچا گهر آهن جنهن ڪري برساتن جي ڪري نقصان ٿيندو آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن مطابق اسان 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهيون، ٻوڏ متاثرن لاءِ هن وقت تائين ڏيڍ لک گهر ٺهي چڪا آهن جيڪي متاثر ايڏي برسات ۾ به آرام سان گهرن ۾ رهائش اختيار ڪيون ويٺا آهن ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته عوام کي تحفظ فراهم ڪيون. هن چيو ته 25 ۽ 26 آگسٽ تي به برساتن جي هڪ ٻئي اسپيل دوران 26 آگسٽ تي ٻوڏ جو خطرو آهي جنهن جو جائزو وٺڻ لاءِ آيو آهيان. هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ اسان پنهنجي ماڻهن کي اڪيلو ڇڏي نه ٿا سگهون تنهن ڪري سال 2022 جي تباهي مچائيندڙ ٻوڏ کان پوءِ اسان آبپاشي جي نظام کي فوري طور تي بحال ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر رڪارڊ فصل ٿيا. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته رحمت جي برسات وسائي.