ڪراچي-19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو محبت ۽ هم آهنگي ۽ عالمگير ڀائيچاري جو پيغام لازوال آهي جيڪو انصاف تي ٻڌل ۽ پرامن معاشري جي قيام جي جدوجهد ۾ اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سالياني عرس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڀٽائي جو ڪلام نه رڳو سنڌ جي ثقافت جي عڪاسي ڪري ٿو ته اسان کي رواداري، اجتماعيت ۽ همدردي جي قدرن طرف رهنمائي ڪرائڻ وارو روشني جو مينار پڻ آهي، ان جي تعليم اسان کي ظلم خلاف مزاحمت، سماجي انصاف کي هٿي وٺرائڻ ۽ سمورين برادرين ۾ اتحاد جي ضرورت جي هڪ يادگيري ڏياري ٿي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري زور ڀريو آهي ته عرس جي موقعي تي اسان مان هر هڪ کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام تي غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽ محبت ۽ عاجزي ۽ بي لوث خدمت جي اصول کي اختيار ڪرڻ گهرجي. اچو ته اسان گڏجي هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ جي ڪوشش ڪريون جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي اصولن تي ٻڌل هجي، يعني هڪ اهڙو معاشرو جتي هر فرد توڙي ان جو پس منظر ڪجهه به هجي ان کي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي عوام سميت سمورن ماڻهن کي عرس جو مبارڪون ڏنيون ۽ زور ڀريو ته شاهه لطيف جي قدرن تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي وڃي.