ڪراچي-09 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ارشد نديم کي اولمپڪس 2024ع ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ ۽ جيولن ٿرو ۾ عالمي رڪارڊ ٽوڙڻ تي واڌايون ڏيندي کيس ڪراچي اچڻ ۽ سندس مهمان بڻجڻ جي دعوت ڏني آهي. مراد علي شاهه پيرس ۾ ارشد نديم کي پنهنجي موبائل فون تان ڪال ڪئي. هن کيس پيرس اولمپڪس ۾ مردن جي جيولن فائنل ۾ فتح ۽ 92.97 ميٽر جي رڪارڊ ٽوڙڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. هن موبائيل فون تي ارشد کي چيو ته توهان قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهيو. وڏي وزير جيولن چيمپيئن ارشد نديم کي ڪراچي اچڻ ۽ سندس مهمان بڻجڻ جي دعوت ڏني. وڏي وزير ارشد نديم کي چيو ته سنڌ جو عوام اوهان جي آجيان لاءِ تيار آهي. ارشد نديم فون تي ڳالهائڻ ۽ ڪاميابي کانپوءِ 50 ملين رپين جي نقد انعام واري اعلان ڪرڻ تي وڏي وزير جا ٿورا مڃيا. ارشد وڏي وزير کي چيو ته مان وڏي وزير ۽ سنڌ جي عوام جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي ڪاميابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته هو جلد سنڌ جو دورو ڪندو ۽ وزيراعليٰ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪندو.