حيدرآباد -05 آگسٽ (اي پي پي) يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي حيدرآباد ضلعي انتظاميه ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي قيادت ۾ شهباز بلڊنگ کان پوسٽ ماسٽر جنرل جي آفيس تائين ريلي ڪڍي. ريلي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته 5 آگسٽ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي ۽ اسان الله تعاليٰ کان دعا ٿا گهرون ته والاريل ڪشمير جي مسلمانن تي 1947ع کان اڄ تائين جاري ظلم ۽ ڏاڍ جو خاتمو ڪري. هن چيو ته جهڙي طرح ڀارت آرٽيڪل 370 جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ان حوالي سان اسان اڄ پرامن طريقي سان دنيا کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته دهشتگردي پاڪستان نه پر ڀارت پکيڙي رهيو آهي جنهن جو ثبوت والاريل ڪشمير آهي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ چيو ته اسان امن جي علمبردار عالمي تنظيمن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي، جنهن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي. ريلي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر ٽو منظور لغاري، اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقه سٽي بابر صالح راهپوٽو، اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقه لطيف آباد سعود بلوچ، مختيارڪار قاسم آباد فرحان جتوئي سميت سماجي تنظيمن جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.