حيدرآباد-26جولاءِ (اي پي پي) حيدرآباد ويجهو سپر هاءِ تي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 03 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب جمعي ڏينهن فجر جي وقت سپر هاءِ وي تي 32 ميل چاڙهي وٽ بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 03 ماڻهو فوت ٿي ويا جن ۾ 28 ورهين جو رائو سهيل پٽ اقبال ۽ ٻيا ماڻهو شامل آهن جن جي سڃاڻپ هن وقت تائين نه ٿي سگهي آهي. اطلاع ملڻ تي ايڌي رضا ڪارن ٽئي لاش تعلقه اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪري ڇڏيا، جڏهن ته حيدرآباد باءِ پاس تي هٽڙي ٿاڻي ڀرسان تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ هڪ 40 ورهين جو شخص فوت ٿي ويو جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. اطلاع ملڻ تي ايڌي رضا ڪارن واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو.