ڪراچي-23 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ منشيات خلاف فيصلائتين ڪاررواين جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ايڪسائز کاتي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جي آفيسرن جو ھڪ اھم اجلاس ڪراچي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ايڪسائز اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول سليم راجپوت، ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ عثمان غني صديقي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي صوبي ۾ منشيات خلاف آپريشنز ۽ جاري ڪارروائين تي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جي آفيسرن کي منشيات خلاف روزاني جي بنياد تي سخت ۽ فيصلائتين ڪاررواين جون ھدايتون ڏنيون. ھن چيو تھ منشيات فروش معاشري جي لاءِ ناسور بڻجي چُڪا آھن، کين ڪنھن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو، شھرن توڙي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ منشيات جي سپلاءِ ۽ واھپي ۾ واڌ ٿي رھي آھي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منشيات خلاف ھر ننڍي وڏي شھر ۾ سخت ۽ اثرائتيون ڪارروايون ڪيون وڃن، پوليس به ايڪسائز ٽيمن جي سھڪار لاءِ ھر وقت تيار رھندي. هن چيو ته منشيات خلاف سنڌ سرڪار جي پاليسي زيرو ٽالرنس تي ٻڌل آھي، منشيات فروشي ۾ ملوث ڪنھن به ڏوھاري سان ڪا به نرمي نه ڪئي وڃي، ڪيسن جي پيروي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن منشيات فروش پنھنجي منطقي انجام تائين پھچي سگھن.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بين الصوبائي سرحدي علائقن تي چيڪنگ جو نظام وڌيڪ سخت ڪيو وڃي، سنڌ سرڪار منشيات خلاف بھتر کان بھتر نتيجا چاھي ٿي.