ٿرپارڪر-23 جولاءِ (اي پي پي) ٿرپارڪر ۾ وڄ ڪرڻ سبب 2 نوجوان فوت ۽ 100 کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو. تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ ويري ڪولهي ۾ رات دير سان برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب 2 ڄڻا 12 ورهين جو نهيچل ۽ 13 ورهين جو مولچند ڪولهي فوت ٿي ويو. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته نوجوان ٻني ۾ وڻ هيٺ ويٺا هئا ته اوچتو وڄ ڪري پئي ۽ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. ان کانسواءِ مختلف علائقن ۾ وڄ ڪرڻ سبب 100 کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو آهي، جنهن ۾ ڳوٺ مٺڙيو ڀٽي ۾ وڄ ڪرڻ سبب ڇنومل جا 3 اٺ، ڳوٺ وڪڙيو ۾ 9 ٻڪريون، ھوڍ ڊينگاريو ۾ 12 ٻڪريون ۽ رڍون، تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڇڇي ۽ ڀاڏو ۾ 4 ٻڪريون، نجيب الله گجو جي هڪ ٻڪري ۽ صالح نهڙيو جي 4 ڍڳيون، ننگرپارڪر جي ڳوٺ فتح جي ڌاڻي ۾ هيرو ٺڪر جون 46 ٻڪريون، ڳوٺ پيلوڙو سميجي ۾ خالد رند جون 4 ٻڪرين سميت مختلف ڳوٺن ۾ وڄ ڪرڻ سبب مري ويون آهن.