دمبولا – 19 – جولائي (اي پي پي) ويمنز ايشيا ڪپ ۾ ڀارت پاڪستان کي آساني سان 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، پاڪستان جو 109 رنسن جو آسان ٽارگيٽ ڀارتي عورت ٽيم 14.1 اوورز ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ديپتي شرما کي شاندار بائولنگ پرفارمنس تي پليئر آف دي مئچ قرار ڏنو ويو. دمبولا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ويمنز ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي جي ٻي مچ ۾ پاڪستان ويمنز ٽيم جي ڪپتان ندا ڊار ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو صحيح ثابت نه ٿيو، قومي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 19.2 اوورز ۾ 108 رنسن تي ئي آئوٽ ٿي وئي، سدره امين 25 ۽ طوبيٰ حسن 22 رنسون ٺاهيون جڏهن ته فاطمه ثنا 22 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي، پاڪستان جون 7 بيٽرز ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيون. ڀارتي بائولر ديپتي شرما 20 رنسون ڏئي ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون، رينوڪا سنگهه، شريانڪا پاٽيل ۽ پوجا وسترا ٻه، ٻه رانديگر آئوٽ ڪيا. ڀارتي ويمنز ٽيم پاڪستان جو 109 رنسن جو هدف رڳو ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 14.1 اوورز ۾ آساني سان حاصل ڪري ورتو، سمرتي منڌانا 45 رنسون ٺاهي نمايان رهي، شيفالي ورما 40 ۽ ديالان 14 رنسون ٺاهيون. پاڪستان پاران سيده عروب شاهه ٻه ۽ نشره سنڌو هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. ڀارتي بائولر ديپتي شرما کي شاندار پرفامنس تي مئچ جي بهترين رانديگرياڻي قرار ڏنو ويو.