لاڙڪاڻو- 15 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان آرمي ۾ بطور ميڊيڪل ڪيڊٽ شموليت لاءِ آرمي ميڊيڪل ڪيڊٽ ڪورس 49 ايم بي بي ايس / 27 بي ڊي ايس انٽري نومبر 2024 جي آن لائين رجسٽريشن جي تاريخ www.joinpakarmy.gov.pk تي 21 جولائي 2024ع تائين رکي وئي آهي. موضوع جي شيڊيول لاءِ پهرين نومبر 2024 تي اهل عمر 21 سال آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمينٽ سينٽر پنوعاقل جي ٽيليفون نمبر 0745805599 ۽ 03062372447 تي رابطو ڪيو يا پاڪستان آرمي جي ويب سائيٽ www.joinpakarmy.gov.pk وزٽ ڪيو.