حيدرآباد-09 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سمر سيميسٽر تحت انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرام جا امتحان 22 جولائي 2024 کان شروع ٿيندا، جڏهن ته امتحاني فارم جمع ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي جي امتحانن واري ڪنٽرولر شاگردن لاءِ پڌرو ڪيو آھي ته يونيورسٽي جي مڙني فيڪلٽين، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري، خيرپورڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ۽ سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ مختلف انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرام تحت 12 ڪريڊٽ آورس تحت ۽ فيڪلٽي آف ايگريڪلچرل انجنئيرنگ جي 9 ڪريڊٽ آورس تحت آپشنل سمر سميسٽر امتحان 22 جولائي 2024 کان شروع ٿيندا، جڏهن ته يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ايڊوانسڊ اسٽڊيز پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پوسٽ گريجوئيشن ڊگري پروگرام تحت ايم ايس سي، ايم ايس، ايم ايس آئي ٽي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي 2024 بئچ ۾ داخلا لاءِ درخواست فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 19 جولاءِ 2024 تائين واڌارو ڪيو ويو آھي، اھڙي ريت انٽري ٽيسٽ 23 جولائي 2024 تي صبح جو 11 وڳي لاڳاپيل فيڪلٽين ۾ منعقد ڪئي ويندي.