نيويارڪ-05 جولاءِ (اي پي پي) ڪوپا آمريڪا فوٽ بال چيمپئين شپ پنهنجي آخري مرحلي طرف وڌي رهي آهي. چيمپئين شپ جا آخري 2 ڪوارٽر فائنل (اڄ ) ڇنڇر ڏينهن کيڏيا ويندا. چيمپئين شپ جي ٽئين ڪوارٽر فائنل جي ميچ ڪولمبيا ۽ پانامه جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ڪوارٽر فائنل ميچ يوراگوئي ۽ برازيل جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. سائوٿ آمريڪا فوٽ بال ڪنفيڊريشن جي اهتمام هيٺ ڪوپا آمريڪا جي 48 هين ايڊيشن جا سنسني خيز مقابلا آمريڪا ۾ جاري آهن جنهن ۾ فوٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. اهڙيءَ ريت آمريڪا فوٽ بال چيمپين شپ جو پهريون سيمي فائينل 09 جولاءِ، ٻيو سيمي فائينل 10 جولاءِ، ٽئين پوزيشن لاءِ ميچ 13 جولاءِ جڏهن ته فائينل ميچ 14 جولاءِ تي کيڏي ويندي جيڪا فلوريدا ۾ شيديول ٿيل آهي.