اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) مالي سال 24 – 2023ع دوران اقتصادي ترقي جي شرح 2.8 سيڪڙو رهي، سڀني کان وڌيڪ واڌويجهه زراعت جي شعبي ۾ 6.25 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جاري خرچن جي ماپي ۾ 33.4 سيڪڙو اضافو ٿيو، ترقياتي خرچ 14.2 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 1.16 ٽريلين رپيا ٿي ويا، مارچ جي پڄاڻي تي مجموعي سرڪاري قرضن جو ماپو 67 هزار 525 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، اندروني قرضن جو ماپو 43 هزار 432 ارب رپيا رهيو، ٻاهرئين قرضن جو ماپو 24093 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، بيروزگاري جي شرح 6.3 سيڪڙو ۽ ٻاهرئين ملڪ ويندڙ ماڻهن جو انگ 8 لک 62 هزار 625 تائين پهچي ويو، في ڪس آمدني ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور تي 129 ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اها ڳالهه قومي اقتصادي سروي 24 – 2023ع ۾ چئي وئي. جاري مالي سال جي لاءِ پاڪستان اقتصادي سروي رپورٽ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جاري ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي سڀني اهم ۽ مکيه شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو احاطو ڪيو ويو آهي. اقتصادي سروي موجب حڪومت جي سمجهدار پاليسين ۽ ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارن جي تعاون سان مالي سال 24 – 2023ع جي دوران پاڪستان ۾ عالمي ادارن جي اندازن جي ابتڙ جي ڊي پي جي شرح ۾ 2.38 سيڪڙو جي واڌويجهه رڪارڊ ڪئي وئي. زراعت جي شعبي ۾ مجموعي طور تي 6.5 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ٿي، جيڪو گذريل 19 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو آهي، صنعتي ترقي جي شرح 1.21 سيڪڙو ۽ جي ڊي پي جي تناسب سان سيڙپڪاري جي شرح ۾ 13.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. جي ڊي پي جي تناسب سان بچت جي شرح 13 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته في ڪس آمدني 11 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 1680 ڊالر تائين پهچي وئي. في ڪس آمدني ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور تي 129 ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. موجوده مارڪيٽ شرح موجب پاڪستان جي جي ڊي پي جو ماپو 106045 ارب رپيا آهي. قومي اقتصادي سروي موجب زراعت جي شعبي ۾ واڌويجهه جي شرح 6.25 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جنهن ۾ فصلن جي پيداوار ۾ 11.03 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ٿي، لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ 13.89 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، ٻيلن ۾ 3.05 سيڪڙو، ماهيگيري جي شعبي ۾ 0.61 سيڪڙو اضافو ٿيو، زرعي قرضن جي فراهمي ۾ 33.8 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. ڀاڻ جي کپت جو ماپو 3957 هزار ٽن رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته سرٽيفائيڊ ٻجن جي دستيابي جو حجم 642.5 ٽن رڪارڊ ڪيو ويو. قومي اقتصادي سروي موجب وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ جاري مالي سال دوران سالياني بنيادن تي 0.1 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ 8.3 سيڪڙو جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، ان جي ابتڙ اپريل ۾ 5.4 سيڪڙو، فرنيچر ۾ 23.1 سيڪڙو، چمڙي جي مصنوعات ۾ 5.3 سيڪڙو، يوريا ٺاهڻ جي صنعت ۾ 16.4 سيڪڙو، فارماسيوٽيڪل 23.2 سيڪڙو ۽ کاڻين جي شعبي ۾ 4.9 سيڪڙو جي شرح سان اضافو ٿيو. ٽيڪس اوڳاڙين ۾ جاري مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ 29.3 سيڪڙو جي شرح سان واڌويجهه رڪارڊ ڪئي وئي، ٽيڪس اوڳاڙين جو ماپو 7.26 ٽريلين رڪارڊ ڪيو ويو، نان ٽيڪس روينيو ۾ 90.7 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ٿي، جاري خرچن جي ماپي ۾ 33.4 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ ان جو ماپو 12.33 ٽريلين رڪارڊ ڪيو ويو. ترقياتي خرچ 4.2 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 1.16 ٽريلين رپيا ٿي ويا، جي ڊي پي جي تناسب سان مالي خساري جي شرح 3.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل سال جي برابر آهي، جي ڊي پي جي تناسب سان پرائمري سرپلس ۾ 1.5 سيڪڙو جي شرح سان واڌويجهه رڪارڊ ڪئي وئي. قومي اقتصادي سروي موجب جولاءِ کان اپريل تائين جي مدي ۾ پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هڪ ڏينهن پهرين ان ۾ ڏيڍ سيڪڙو جي گهٽتائي ڪئي وئي. ايم ٽو جو ماپو 2216 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. مجموعي غيرملڪي اثاثن جو ماپو 530 ارب رپيا رهيو. مجموعي اندروني اثاثن جو ماپو 1687 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. نجي شعبي کي 188 ارب رپين جو قرض فراهم ڪيو ويو. سراسري لينڊنگ ريٽ ۾ 20.8 سيڪڙو جي سراسري شرح رهي، جڏهن ته ڊيپازٽ ريٽ 10.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو. جولاءِ کان مارچ تائين جي مدي ۾ ڪي ايس اي هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 61.6 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته مالي سال جي آخري مهيني ۾ اهو 74 هزار جي نفسياتي حد عبور ڪري ويو. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن ۾ 48.3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ متحرڪ فنڊ جو ماپو 18.9 ارب رپيا رهيو. نئين ڪمپنين جي رجسٽريشن جو ماپو 20810 رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته شين جي خريداري جو ماپو 4.08 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. قومي اقتصادي سروي موجب دانشمنداڻي پاليسين جي نتيجي ۾ مئي 2024ع ۾ ناڻي واڌ جي شرح 11.8 سيڪڙو تائين ڪِري وئي، جيڪا مئي 2023ع ۾ 38 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي هئي. جاري مالي سال دوران صارفين جي لاءِ قيمتن جا اشارا 24.5 سيڪڙو رهيا جيڪي گذريل مالي سال ۾ 29.2 سيڪڙو هئا. شهري علائقن ۾ جاري مالي سال جي دوران صارفين جي لاءِ قيمتن جا حساس اشارا 25.1 سيڪڙو رڪارڊ ڪيا ويا، جيڪي گذريل مالي سال دوران 26.8 سيڪڙو هئا. شهري علائقن ۾ کاڌي پيتي جي شين جي ناڻي واڌ جي شرح گذريل سال جي 37.7 سيڪڙو جي شرح کان گهٽ ٿي 24.2 سيڪڙو ٿي وئي. ٻهراڙي جي علائقن ۾ کاڌ خوراڪ جي ناڻي واڌ جي شرح گذريل سال جي 41.1 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 23.7 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي. شهري علائقن ۾ بنيادي ناڻي واڌ جي شرح 16.6 سيڪڙو رهي ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 23.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. قيمتن جا حساس اشارا 28.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪيا ويا، جيڪي گذريل مالي سال دوران 32.8 سيڪڙو هئا. هول سيل پرائيس انڊيڪس 21.1 سيڪڙو رهيو جيڪو گذريل سال 33.9 سيڪڙو هو. ايف اي او فوڊ پرائيس انڊيڪس ڪاٽو 13.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو. قومي اقتصادي سروي موجب جولاءِ کان اپريل تائين جي مدي جي ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو خسارو 0.2 ارب ڊالر رهيو. برآمدات ۾ 25.7 سيڪڙو جي شرح سان اضافو ٿيو، درآمد ۾ 43.4 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. واپاري خساري ۾ مجموعي طور تي 17.7 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. سڌي سنئين ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ 1.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي صورتحال بهتر رهي. قومي اقتصادي سروي موجب مارچ جي پڄاڻي تائين مجموعي سرڪاري قرضن جو ماپو 67525 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. اندروني قرضن جو ماپو 43432 ارب رپيا ۽ ٻاهرئين قرضن جو ماپو 24093 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. ٽريزري بلن ۾ گهٽتائي جو ماپو 0.8 ٽريلين رڪارڊ ڪيو ويو. قومي اقتصادي سروي موجب تعليمي شعبي تي مجموعي قومي پيداوار جي حساب سان 1.5 سيڪڙو جا خرچ آيا. مردن ۾ خواندگي جي شرح 73.4 سيڪڙو ۽ عورتن ۾ 51.9 سيڪڙو رهي. ملڪ ۾ يونيورسٽين جو انگ 263 آهي جنهن ۾ سرڪاري يونيورسٽين جو انگ 154 ۽ خانگي يونيورسٽين جو انگ 109 آهي. اعليٰ تعليم جي لاءِ 69.7 ارب رپين جا فنڊ مخصوص ڪيا ويا. استادن ۾ پي ايڇ ڊي جو انگ 35.40 سيڪڙو آهي. مالي سال 2023ع جي جي ڊي پي جي تناسب سان پبلڪ هيلٿ خرچن جي شرح 1 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت پبلڪ هيلٿ جي لاءِ 25.3 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا. اسپتالن جو انگ 1284، بنيادي صحت مرڪزن جو انگ 5520 رڪارڊ ڪيو ويو. 2022ع ۾ سراسري عمر 67.3 سال هئي، ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڊاڪٽرن جو انگ 2 لک 99 هزار 113 آهي. قومي اقتصادي سروي موجب 2023ع ۾ ملڪ جي مجموعي آبادي 24 ڪروڙ 15 لک ماڻهن تي ٻڌل آهي. ٻهراڙي جي علائقن ۾ 14 ڪروڙ 77 لک 50 هزار ماڻهو ۽ شهري علائقن ۾ 9 ڪروڙ 37 لک 50 هزار ماڻهو رهن ٿا. 2021ع جي ليبر فورس سروي موجب بيروزگاري جي شرح 6.3 سيڪڙو آهي، جڏهن ته مالي سال 2023ع ۾ ٻاهرئين ملڪ ويندڙ رجسٽرڊ افرادي قوت 8 لک 62 هزار 625 آهي. مارچ 2024ع تائين وزيراعظم جي يوٿ بزنس ايگريڪلچرل لون اسڪيم تحت 83.68 ارب رپين جا فنڊ فراهم ڪيا ويا، جن مان هڪ لک 40 هزار 702 ماڻهن فائدو ورتو. قومي اقتصادي سروي موجب جاري مالي سال جي دوران مئي 2024ع تائين مواصلات جي منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 123 ارب رپيا جاري ڪيا ويا. اين ايڇ اي جي رستن جي ڊيگهه 14 هزار 480 ڪلوميٽر آهي. پاڪستان ريلوي جي مسافرن جو انگ 22.5 ملين رهيو آهي۔ پاڪستان ريلوي جي مال برداري جي ٽريفڪ جو ماپو 4310 ٽن ڪلوميٽر رڪارڊ ڪيو ويو. پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن کي مجموعي طور تي 14690 ملين رپين جو ٽيڪس کانپوءِ جو منافعو حاصل ٿيو. قومي بندرگاهن تي 98 هزار 822 ملين ٽن ڪارگو جي چرپر ٿي. پاڪستان پوسٽ جي نيٽ ورڪس جو انگ 10408 رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي نيٽ ورڪس جو انگ 80 يونٽس آهي. قومي اقتصادي سروي ۾ توانائي جي شعبي جو به احاطو ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ مارچ جي پڄاڻي تائين بجلي جي مجموعي پيداواري صلاحيت 42 هزار 181 ميگاواٽ آهي، جڏهن ته مجموعي جنريشن 92091 گيگاواٽ آورز آهي. جولاءِ کان مارچ تائين بجلي جي مجموعي کپت جو ماپو 68559 گيگاواٽ آورز رڪارڊ ڪيو ويو. پيٽروليم مصنوعات جي وڪري جو ماپو 12.30 ملين ٽن رهيو جڏهن ته گئس جي کپت جو ماپو 3 هزار 207 ايم ايم سي ايف ڊي ۽ ڪوئلي جي کپت جو ماپو 17.3 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو. قومي اقتصادي سروي موجب جولاءِ کان مارچ تائين انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪمپنين جي مجموعي تعداد 20 هزار رڪارڊ ڪئي وئي. آءِ ٽي برآمدات جو ماپو 0.283 ارب ڊالر رهيو. فري لانسرز طرفان پرڏيهي ناڻي جو ماپو 350.2 ملين ڊالر رهيو. براڊ بينڊ صارفين جو تعداد 135 ملين جڏهن ته مجموعي ٽيليڪام صارفين جو انگ 194.6 ملين رڪارڊ ڪيو ويو. قومي اقتصادي سروي موجب مارچ جي پڄاڻي تائين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحقين جي لاءِ 66 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا، جڏهن ته 313.4 ارب رپيا ورهايا ويا. پروگرام مان لاڀ پرائيندڙن جو انگ 9.4 ملين رڪارڊ ڪيو ويو. مشروط ڪيس ٽرانسفر جو ماپو 56 ارب رپيا ۽ غيرمشروط ڪيس ٽرانسفر جو ماپو 257.7 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. تعليمي وظيفن تحت 2.2 ملين شاگردن جي انرولمينٽ ٿي، جڏهن ته 36.9 ارب رپيا ورهايا ويا. قومي اقتصادي سروي موجب جاري مالي سال دوران ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين جي شعبن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. نيشنل ڪلين ايئر پاليسي لاڳو ڪئي وئي، جڏهن ته قومي ايڊاپٽيشن پلان 2023ع متعارف ڪرايو ويو. ڊسمبر 2023ع ۾ ڪوپ – 28 جو انعقاد ڪيو ويو. گرين پاڪستان اپ اسڪيلنگ پروگرام جي پهرين مرحلي تحت 2.1 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي. ڊسمبر 2023ع ۾ ڪلائوڊ سيڊنگ وسيلي هٿرادو برسات ڪئي وئي.