نارٿمپٽن -16 مئي (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ويمنز ڪرڪٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ اڄ جمعي ڏينهن ڪائونٽي گرائونڊ نارٿمپٽن ۾ کيڏي ويندي. ميزبان برطانوي وومين ٽيم کي پاڪستاني ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي ڪاميابي حاصل آهي . انگلينڊ وومينز ٽيم پهرين ٽي ٽونٽي ميچ ۾ مهمان ٽيم کي 53 رنسن تان هارايو هيو پاڪستان جي وومين ڪرڪٽ ٽيم اڄڪلهه انگلينڊ جي دوري تي آهي جتي هو ميزبان برطانوي ٽيم خلاف ٽي ٽي ٽونٽي ون ڊي ميچز جي سيريز کيڏندي .