ڊبلن _ 9 مئي (اي پي پي ) آئرلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽين ٽي 20 انٽر نيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ (اڄ ) جمعي ڏينهن تي ڪلونٽرف ڪرڪيٽ ڪلب گرائونڊ ، ڊبلن ۾ کيڏي ويندي . پاڪستاني ٽيم جي قيادت بابر اعظم ڪندو . آئرلينڊ جي ٽيم جي قيادت ڪوپال اسٽرلنگ ڪري رهيو آهي . ٽين ٽي 20 ميچن جي سيريز جون سموريون ميچون ڪلونٽرف ڪرڪيٽ ڪلب گرائونڊ ، ڊبلن ۾ کيڏيون وينديون .