اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، فسادي ٽولو ان ڏينهن پنهنجي ئي ملڪ تي حملي آور ٿيو ۽ پاڪستان جي سلامتي، وقار، ترقي جي خلاف ڪڌي سازش ڪئي، 9 مئي سانحي ۾ ملوث چهرن کي بي نقاب ڪنداسين، ملڪ تي حملي آور مڪروهه چهرن کي ڪڏهن نه وسارينداسين ۽ نه وسارڻ ڏينداسين، اسان جو واعدو آهي ته ائين ٻيهر ٿيڻ نه ڏينداسين. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سڀاڻي 9 مئي جي دل ڌوڏيندڙ واقعن کي هڪ سال مڪمل ٿي ويندو، 9 مئي اسان جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪستان جي سلامتي، وقار، ترقي جي خلاف ڪڌي سازش ڪئي وئي، منظم منصوبابندي تحت ملڪي دفاع کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، انهن جا چهرا بي نقاب ڪنداسين ۽ قوم کي ياد ڏيارينداسين ته اهي ڪير ماڻهو هئا جيڪي پنهنجي ئي ملڪ تي حملي آور ٿيا ۽ پنهنجي ئي ملڪ کي کوکلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن اهڙو ڪم ڪيو جيڪو ڪڏهن دشمن به نه ڪري سگهيو. وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهو ملڪ ۾ باهه لڳائڻ چاهيندا هئا، اهي ٽولين جي شڪل ۾ مختلف جاين تي ويا ۽ شهيدن جي يادگارن تائين کي مسمار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ ۽ ائٽمي طاقت آهي، پاڪستان جي فوج دنيا جي بهترين فورسز ۾ شمار ٿئي ٿي. هن چيو ته اسان جي فضائيه جي پائليٽن وڏي مهارت سان دشمن ملڪ جا جهاز ڪيرايا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪيپٽن ڪرنل شير خان کي شهيد ڪيو ويو ته بارڊر جي ٻئي طرف کان ان جي بهادري کي ساراهيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪير جان جو نذرانو پيش ڪري ته ان کان وڏي ڪهڙي قرباني ٿي سگهي ٿي، 9 مئي سانحي ۾ ملوث ماڻهن ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي مجسمي کي به باهه لڳائي ڇڏي، انتشار پسند ٽولي سياسي مقصدن جي خاطر شهيدن جي يادگارن کي مسمار ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن انهن کي اختلاف هو ته اهي سياسي پارٽين جي خلاف جلوس ڪڍن ۽ پنهنجي سياسي اڳواڻ جي حق ۾ احتجاج ڪن ها پر انهن جو مقصد اختلاف نه انتشار ۽ فتنو ڦهلائڻ هو. هن چيو ته ايم ايم عالم جو پوري دنيا ۾ نالو ورتو وڃي ٿو جنهن 60 سيڪنڊن ۾ دشمن جا 5 جهاز ڪيرايا، ان فسادي ٽولي ميانوالي ۾ موجود ان جي يادگار کي پڻ نه ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي حوالي سان اسان جو نعرو ”بي حرمتي انهن جي گواره ناهي…. ناهي ٿيڻ ڏيڻي ٻيهر“ آهي. هن چيو ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث ماڻهن پنهنجي ڪوڙي ذاتي مفادن جي خاطر قوم جي هيروز جي بي حرمتي ڪئي، ڪڏهن شهيدن جي گهر وڃي ڏسو ته انهن جي وارثن تي ڇا گذرندي آهي، انهن جون بيواهون ۽ مائرون ڪهڙي ڪرب ۾ مبتلا هونديون آهن جڏهن انهن جي گهر جهنڊي ۾ ويڙهيل تابوت آندو وڃي ٿو. هن چيو ته شهيدن جون يادگارون قومي غيرت جا نشان آهن، اهي گهٽ ۾ گهٽ شهيدن جي تڪريم ئي سکي وٺن. ان موقعي تي صحافين کي 9 مئي جي واقعن جي حوالي سان وڊيو پڻ ڏيکاري وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خان صاحب جا ڀاڻيجا به انهن واقعن ۾ ملوث هئا، ڇا هُو پنهنجي ڀاڻيجن جي سڃاڻپ کان انڪار ڪري سگهي ٿو؟ انهن ماڻهن ايتري تائين چئي ڇڏيو ته خان نه ته پاڪستان نه. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تي اسان جي جان به قربان آهي، پاڪستان اسان جي سڃاڻپ آهي، پاڪستان سڀ کان پهرين آهي، سياست بعد ۾ آهي، پاڪستان اسان جي بزرگن جي قربانين سان حاصل ڪيو ويو، پاڪستان قيامت تائين رهندو. هن چيو ته 9 مئي جا ڪيسز منطقي انجام تي پهچڻ گهرجن، ان ۾ ڪهڙي ڳالهه جي دير آهي؟ هن چيو ته آمريڪا ۾ ڪيپيٽل هل تي حملو ٿيو ته سمورن ملوث ماڻهن کي سزائون ڏنيون ويون، 9 مئي جي واقعن جا ته ثبوت به موجود آهن ته پوءِ ڪهڙي ڏکيائي آهي جو انهن ڪيسز جا فيصلا نه ٿي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نوجوان نسل جي لاءِ پيغام آهي ته اهي ڪنهن جي به ڳالهين ۾ نه اچن ۽ هن ملڪ جي ترقي ۾ حصو وجهن. هن چيو ته اسان جو سڀ ڪجهه هن ملڪ جي سالميت سان واڳيل آهي، انتشار، فتني ۽ فساد کي اسان کي رد ڪرڻو آهي، قومي يڪجهتي پيدا ڪرڻي آهي، ملڪي سالميت جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. اڄ معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، عالمي مالياتي رسالا چئي رهيا آهن ته ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته 9 مئي جو ڏينهن قوم ڪڏهن به نه وساريندي، پاڪستان تي حملو ڪندڙ مڪروهه چهرن کي ڪڏهن نه وسارينداسين ۽ نه وسارڻ نه ڏينداسين. اسان جو اهو به واعدو آهي ته ائين ٻيهر ٿيڻ نه ڏينداسين. پاڪستان جي ترقي ۽ بقاءَ جي لاءِ جيڪي قدم کڻڻا پيا، کڻنداسين. هن چيو ته 9 مئي سدائين ڪاري ڏينهن جي طور تي ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي حوالي سان سڀاڻي ڪابينا جو خصوصي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي جنهن کي وزيراعظم خطاب ڪندو جڏهن ته اجلاس ۾ پيپلزپارٽي، آءِ پي پي، نيشنل پارٽي، مسلم ليگ (ق)، متحده قومي موومينٽ کي خصوصي دعوت ڏني وئي آهي. شام جو وزيراعظم ڪنوينشن سينٽر ۾ تقريب کي خطاب پڻ ڪندو. هن چيو ته ملڪي سالميت تي ڌٻو اچڻ نه ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ جو قول فعل سان ۽ فعل قول سان نه ٿو ملي، متضاد ڳالهيون ڪرڻ جو عادي باني پي ٽي آءِ پنهنجي ئي چيل ڳالهه تي قائم نٿو رهي، ان جو مقصد پنهنجي مفاد سان پنهنجي قول کي ايڊجسٽ ڪرڻ آهي، ان کي پاڪستان ۽ پاڪستانيت سان ڪو غرض نه آهي، ان کي رڳو پنهنجي مفاد سان غرض آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي واقعن جي جاچ ٿي رهي آهي، ڪنهن جو ڪيترو ڏوهه آهي، ان جو تعين ڪرڻ جاچ ادارن جو ڪم آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته اهو سوال ٿئي ٿو ته خان صاحب جي فيملي 9 مئي جي ڏينهن ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ ڇا ڪرڻ وئي هئي، ان جو جواب ملڻ گهرجي، 9 مئي جي ڏينهن نورين خان، عظميٰ خان ۽ عليمه خان ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران موجود هيون، پي ٽي آءِ اڳواڻن ان ڏينهن هدايتون جاري ڪيون ته ڪنهن کي ڪٿي پهچڻو آهي ۽ ڪٿي حملو ڪرڻو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن ملڪ ۾ عدالتي نظام موجود آهي، سزا ڏيڻ عدالتن جو ڪم آهي، عدالتون پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن. هڪ ٻئي سوالجي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد تقريب ۾ شهيدن جي فيمليز کي گهرايو ويو آهي، تقريب ۾ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو.