ايبٽ آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي حڪومت پاران فرض جي ادائيگي دوران شهادت ماڻيندڙ سول ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي لاءِ شهيد پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ جا عظيم فرزند حياتي خطري ۾ وجهي دهشتگردن ۽ اسمگلرن جو مقابلو ڪن ٿا، هي پئڪيج حڪومت جو ڪو احسان نه آهي، شهيدن جي وارثن جو حق آهي، اسمگلنگ جو خاتمو ڪرڻ کانسواءِ معيشت مضبوط نٿي ٿي سگهي، صوبائي حڪومتن سان گڏجي اسمگلنگ ۽ اسمگلرن جو خاتمو ڪنداسين ۽ خطي کي امن جو گهوارو بڻائينداسين، شهيد حسنين علي ترمذي ۽ ٻيا شهيد قوم جا هيرو آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار شهيد ڪسٽمز انسپيڪٽر سيد حسنين علي ترمذي جي رهائشگاهه تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڊيره اسماعيل خان ۾ اسمگلرن پاران دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ سيد حسنين علي ترمذي جي قرباني رائيگان نه ويندي. پنجاب کانپوءِ هاڻي وفاق ۾ به شهادت ماڻيندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پونئيرن جي لاءِ شهداءِ پئڪيج شروع ڪري رهيا آهيون. شهيد حسنين علي ترمذي جي ٻارن جي تعليم ۽ علاج جا خرچ حڪومت برداشت ڪندي. وزيراعظم چيو ته هن فرض جي ادائگي ڪندي شهادت ماڻي ۽ ملڪ دشمن اسمگلرن جو مقابلو ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، هو قوم جو هيرو آهي. سندس والد جي صبر کي سلام پيش ڪريان ٿو. پوري قوم به شهيد جي والد کي سلام پيش ڪري ٿي ته هن پنهنجي پٽ جي بهترين تربيت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. گهرو وزير محسن نقوي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ سرگرم آهي. اسمگلنگ ۽ اسمگلرن جو مڪمل خاتمو يقيني بڻائينداسين. ملڪ جا عظيم فرزند حياتي خطري ۾ وجهي دهشتگردن ۽ اسمگلرن جو مقابلو ڪن ٿا ۽ لکين ٻارن کي محفوظ بڻائي انهن کي يتيم ٿيڻ کان بچائين ٿا. وزيراعظم چيو ته گهرو وزير کي هدايت ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جُون حڪومتون، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي اسمگلرن جو خاتمو ڪن. معيشت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اسمگلنگ جو خاتمو ضروري آهي. اهو هڪ اهڙو ناسور آهي جنهن کي پاڙ کان ختم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري ۽ اولين فرض آهي. اسان سڀ گڏجي ان جي خاتمي کي يقيني بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين. اسمگلنگ جو خاتمو ڪري عوام جا اربين ڊالر بچائينداسين. اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ تعاون تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جا به ٿورا مڃون ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران اهو پيغام کڻي آيو آهيان ته شهيد انسپيڪٽر سيد حسنين علي ترمذي قوم جو هيرو آهي ۽ اسان کي ان تي فخر آهي. اسان يقين ڏياريون ٿا ته سندس قرباني رائيگان نه ويندي. هن چيو ته ٻن واقعن ۾ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪسٽمز اهلڪارن جون 8 شهادتون ٿيون آهن، اسان جي ڪوشش هوندي ته اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام ٿئي. اسمگلنگ جون سرگرميون اسان جون گڏيل دشمن آهن، ان جو خاتمو ڪرڻو پوندو، دهشتگردن ۽ اسمگلرن جو مقابلو ڪندي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ کان وڏي ملڪ جي لاءِ ڪا خدمت ۽ قرباني نٿي ٿي سگهي. اهو اسان سڀني جي لاءِ هڪ پيغام ۽ مثال آهي. اچو اسان ان موقعي تي سچي دل سان وچن ڪريون ته اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڪنهن به ڪارروائي کان نه ڪيٻائينداسين ۽ ان جو خاتمو ڪري خطي کي امن جو گهوارو بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته ڪسٽمز اهلڪارن جي سيڪيورٽي ٺوس هجڻ گهرجي. پوري ڪوشش ڪنداسين ته اهلڪارن جي سيڪيورٽي ۾ ڪو جهول نه رهي. وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ اسان جيڪو شهداءِ پئڪيج ٺاهيو هو ان تي هتي به عمل ڪيوويندو. هر شهيد جي بيواهه ۽ ٻارن جي لاءِ هڪ مفت گهر فراهم ڪيو ويندو، روڪ امداد پڻ ڏني ويندي. انهن واقعن ۾ جيڪي سپاهي شهيد ٿيا انهن جي پونئيرن کي هڪ، هڪ ڪروڙ رپين جي روڪ امداد ڏني ويندي. ان کانسواءِ هڪ ڪروڙ 35 لک رپيا گهر جي قيمت ڏني ويندي، اها انهن جي مرضي آهي ته اهي گهر خريد ڪن يا نه خريد ڪن، ٻارن جي لاءِ تعليم ۽ علاج جي سهولت مفت هوندي. اهڙي طرح شهادت ماڻيندڙ ڊي ايس پي، انسپيڪٽر ۽ سول آفيسرن جي لاءِ پڻ اهو ئي پئڪيج هوندو، انهن جي وارثن کي ڏيڍ، ڏيڍ ڪروڙ روڪ ۽ گهر جي لاءِ اڍائي، اڍائي ڪروڙ رپين جو الائونس ڏنو ويندو، گهر خريد ڪرڻ يا نه خريد ڪرڻ انهن جي مرضي آهي. اهڙي طرح انهن جي ٻارن جي لاءِ پڻ تعليم ۽ علاج جي سهولت مفت هوندي، فرضن جي ادائيگي دوران شهيد ٿيندڙ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سول آفيسرن ۽ اهلڪارن جي وارثن کي پڻ اهو ئي پئڪيج ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته اهو ڪو احسان نه آهي، اهو انهن جو حق آهي جيڪو انهن کي ملڻ گهرجي. موجوده معاشي صورتحال ۾ جيتوڻيڪ اها امدادي رقم وڌيڪ نه آهي پر جڏهن به موقعو مليو ان تي نظرثاني به ڪئي ويندي. ان موقعي تي شهيد جي والد حسين شاهه چيو ته وزيراعظم سندس گهر اچي سندس حوصلو وڌايو آهي، مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته منهنجي پٽ شهادت ماڻيندي عزت ۽ شان سان قبر ۾ وڃڻ پسند ڪيو. وزيراعظم منهنجي حوصلي کي سگهه ڏني آهي.