اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي دائري خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، معيشت، ثقافت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ تمام وڏي مارڪيٽ آهي ۽ جاپاني ڪاروباري ادارن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري معاشي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ جاپان جي سفير مٽسوهيرو واڊا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ڌرين جي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته جاپان پاڪستان جو اهم ترقياتي پارٽنر آهي جيڪو جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) تحت مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ معاونت ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي آبادي تمام وڌيڪ آهي ۽ هو تربيت يافته ۽ پيشيواراڻي افرادي قوت جي ذريعي جاپان کي انساني وسيلن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ قائم جاپاني آٽو موبائيل ڪمپنين کي پاڪستان مان پنهنجي مصنوعات برآمد ڪرڻ جي لاءِ پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جاپاني بئنڪن جي پڻ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ته اهي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪن. صدر پاڪستان جي موجوده سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي جاپاني سفير چيو ته پاڪستان هڪ اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ۽ تمام وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آهي ۽ جاپاني ڪمپنيون انهن امڪاني شعبن ۾ دلچسپي رکن ٿيون. هن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ موجوده ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. هن ٻڌايو ته جاپان کي پاڪستاني انب جي برآمد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سفير اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي جاپان جي دوري کي ڪامياب قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان جي نوجوان نسل ان کي هڪ خوشحال ملڪ بڻائڻ ۾ مضبوط ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. مٽسوهيرو واڊا آصف زرداري کي ٻيون ڀيرو صدر چونڊجڻ تي گرمجوشي سان مبارڪباد ڏني ۽ جاپان جي شهنشاهه پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر مبارڪباد تي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ جاپان جي شهنشاهه جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پنهنجي جاپان جي دوري ۽ جاپان جي اڳوڻي شهنشاهه اڪي هيٽو سان ملاقات کي پڻ ياد ڪيو. هن 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي حمايت تي جاپاني حڪومت جا ٿورا مڃيا.